ڪراچي:  شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾  شروعات طور تي 16 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو ھو، جڏهن ته ڪيس جي چالان ۾  ڄام عبدالڪريم،  ڄام اويس گهرام مير، علي،  حيدر علي ۽ نياز سالار کي مک جوابدار ڄاڻايو ويو ھو، ٽن جوابدارن معراج , عطامحمد ۽ زاهد کي ثبوت مٽائڻ ۽ ڏوهه لڪائڻ جو ڏوھ ۽ جمال واحد جوکيو کي موتمار ڌمڪيون ڏيڻ جو جوابدار  ڄاڻايو ويو ھو، پوليس 7 جوابدارن دودو سالار،  محمد خان جوکيو،  احمد شورو، سليم،  عبدالرزاق، اسحاق جوکيو ۽ سومار جا نالا شاهديون نه  ملڻ تان چالان مان خارج ڪيا ويا ھئا، ھن وقت ڄام اويس گھرام سميت 5 جوابدار جيل  ۾ آھن