ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)  سنڌ هاءِ ڪورٽ شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ ڌر بڻجڻ بابت نيشنل ڪميشن  فار هيومن رائٽس پاران داخل ڪيل درخواست ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت پٽيشنر جي وڪيل کان قانوني سوالن تي جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪمنامي ۾ پهريون سوال ڪيو آهي ته ڇا هيومن رائٽس قانون 2012ع کي ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ تي فوقيت آهي؟ عدالت ٻيو سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن هيومن رائٽس قانون کي سي آر پي سي تي فوقيت آهي ته ان جا ڪهڙا تاثرات ( اثر) هوندا؟ عدالت  ٽيون سوال اٿاريندي چيو آهي ته ڇا ڪو پرائيويٽ شخص چالان جمع ڪرائڻ بعد ڌر بڻجي سگهي ٿو؟  جنهن ان کان پهريان اهڙي ڪا درخواست نه ڏني هجي؟ عدالت چيو ته جيڪڏهن ڌر بڻجڻ جي اجازت ملي وڃي ته ڪيس تي ان سان ڪهڙا ممڪن اثر ٿيندا؟