ناظم جوکيو قتل ڪيس: ڄام ڪريم سوڌو 9 جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري

0
142
ناظم جوکيو قتل ڪيس

ڪراچي (م ڊ) ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ پ پ جي قومي اسيمبلي ميمبر ڄام عبدالڪريم سميت جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

ناظم جوکيو قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن سمري ذريعي ورتي وئي

ذريعن موجب ايم اين اي ڄام عبدالڪريم، سنڌ اسيمبلي ميمبر ڄام اويس، نياز سالار، حيدر علي ۽ مير علي جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏني وئي آهي

ان کان علاوه محمد معراج، ڄام احمد جمال، عطا محمد ۽ زاهد جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، گهرو وزارت ناظم جوکيو ڪيس جي جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سمري منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا کي موڪلي هئي

شيخ رشيد ۽ عمران اسماعيل خلاف ڄام عبدالڪريم جي درخواست رد

ٻئي پاسي سنڌ هاءِ ڪورٽ شيخ رشيد ۽ عمران اسماعيل خلاف ڄام عبدالڪريم جي درخواست رد ڪري ڇڏي آھي، ڄام عبدالڪريم گرفتاري جي اعلان تي وفاقي گهرو وزير ۽ سنڌ جي گورنر خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي

عدالت پ پ ايم اين اي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کان انڪار ڪندي درخواست خارج ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ 3 يا 4 اپريل تي ٿيندي، ڄام عبدالڪريم کي گرفتار ڪيو ويندو: شيخ رشيد