ناظم جوکيو جان ڏئي سنڌ کي وڏيرن، عرب شڪارين خلاف ڀرپور تحريڪ هلائڻ ۽ انهن مان جان ڇڏائڻ جو موقعو ڏنو، هڪ زبردست ماحول جڙيو پر ان کي مستقل برقرار نه رکيو ويو، اهڙي طرح هاڻ فاطمه جي خون جعلي پيرن مرشدن خلاف تحريڪ جو موقعو ڏنو آهي ته انهن مان جان ڇڏائڻ گهرجي، سنڌ جي سياسي، سماجي، صحافي،وڪيل ڌرين کي هن معاملي تي مستقل تحرڪ وٺڻ گهرجي، جيئن سنڌ جعلي پيرن کان آجي ٿي سگهي ، ضروري ناهي ته خون جي انصاف يا وارثن جي ٺاهه بعد ڪيس ختم ٿيڻ تائين رڳو متحرڪ رهجي ، هي وقت اوهان کي مستقبل جي جعلي پيرن مرشدن کان آجي سنڌ ڏانهن وٺي ويندو رڳو مستقل تحريڪ جي ضرورت آهي… جتي به جنهن به فورم تي هجو پنهنجو حصو ڳنڍيو، ماحول جوڙيو… ناظم جي قتل بعد سنڌ جي ماڻهن عرب شڪارين کي ڊوڙايو هو، هاڻ درگاهه لاءِ چندو وٺندڙ همراهه کي ڊوڙايو ويو آهي، اها شروعات آهي ان شروعات کي سنڀالي هلڻو پوندو.