ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاھه سان ٿرڪول متاثرن جي ملاقات، ڀيم راج، ليلارام جي اڳواڻي ۾ پهتل وفد وزير کي مسئلن ۽ خدشن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي صوبائي وزير ناصر شاھه چيو ته پ پ قيادت مقامي ماڻهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واضح هدايتون ڏنيون آهن، صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو پاران ٿر واسين کي روزگار سميت سموريون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڏنل آهي، هن چيو ته ٿر ڪول بورڊ ۾ ٿرڪول متاثرن جي نمائندي کي به شامل ڪيو ويندو. ناصر شاهه مقامي انتظاميا کي متاثرن جا جائز مطالبا فوري طور حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت ٿر واسين کي روزگار، پاڻي سميت بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ جاکوڙي پئي.