ناشتو بند ڪريو، رڳو ٻه ويلا ماني کائو … الفت حسين پتافي

0
51
ناشتو بند ڪريو، رڳو ٻه ويلا ماني کائو ... الفت حسين پتافي

 مهرباني ڪري اوهان اڄ کان ناشتو ڪرڻ بند ڪيو، صرف ٻه ويلا کائو. ڏينهن جو ٻارهين وڳي ۽ رات جو اٺين وڳي.

 هڪ مهيني اندر اوهان جا صحت سان لاڳاپيل مسئلا حل نه ٿين ته مان ڏنڊ ڀريندس.

ائين ڇو ڪجي ان تي تفصيلي پوسٽ:

سوين سالن کان سنڌ جو هاري اسُر ويل ڏاندن جا جوڙا ڪڍي ٻني تي روانو ٿيندو هيو.

ڇا هو ناشتو ڪري ويندو هيو؟

ايڪڙ هرن جو ڏهين يارهين وڳي تائين کيڙي اچي ڪنهن وڻ هيٺان ساهه پٽيندو هيو ۽ گڏو گڏ پنهنجي جوءِ يا نينگري جو انتظار ڪندو هيو ته اجهو مانجهاندو يا نيرڻ کڻي پهتا.

ڇا گذريل سوين سالن اندر ناشتي ۾ چانهن بسڪٽ يا پاپن جو رواج هيو، ڇا سندن نيرڻ يا مانجهاندي ۾ گيهه مکڻ ماکي، لسي، بصر، ڪڻڪ يا جوَ جي ماني يا ڌاڻن جي چٽڻي کان سواءِ ڪجهه هوندو هيو.

ڏينهن سارو آرام ڪري وري اهو هاري شام جو گاهه يا ٻني جو ڪم يا فصل کي پاڻي ڏيڻ سوڌا ٻاهر جا ڪم ڪندو هيو ۽ رات جو سانجهي مهل مطلب موسم جي حساب سان ڇهين کان اٺين جي وچ ۾ رات جي ماني کائي ڪري، جهنگ جي خيال کان واندو ٿي وري سمهي پوندو هرو، وري اسُر ويل، تارن بيٺي ٻني تي نڪري ويندو هيو.

ان هاري کي ڪهڙيون بيماريون ٿينديون هيون، موسم جي حساب سان گرمي سردي ڪري تپ، اصلي گيهه گهڻو واپرائڻ ڪري دست، ديسي ڪڪڙ جي مٿان کير پيئڻ ڪري پيٽ خراب، ڏاند يا مينهن جي ٽڪر ڪري هڏو ڀڄڻ، رات جو پيرين اگھاڙين فصل کي پاڻي ورائڻ دوران نانگ جو ڏنگي وڃڻ يا ڪنهن ڇتي ڪتي جو چڪ وغيره وغيره.

ڇا ان هاري کي بلڊ پريشر، دل جو عارضو، شگر، ڪينسر، ڊپريسن، اڱاري، ٿَڪ يا fatigue جهڙيون موجوده دور جون بيماريون ٿينديون هيون؟

ڇا ان هاري جو پيٽ يا ڍڍ وڏو هوندو هيو، ڇا اهو جواني ۾ گنجو ٿي ويندو هيو؟

ڇا اڄ جي دور جون بيماريون چانهن، سگريٽ، تريل اڦراٽا، فيڪٽري مان ٺهيل تيل ۾ فارمي مرغي جي ڪڙھائي، بسڪٽ، کنڊ، نان پيزا، پاستا، گڏھه، ڪتا، ڪيميڪل مليل کير، نوڊلز، برگر وغيره سميت ڪچرو کائڻ ڪري نه پيون ٿين؟

ڇا اڄ به بيمار شخص کي ڏاڪدار اهو سڀ ڪچرو کائڻ کان منع نه آهي ڪندو؟

ڇا اڄ هر پڙهيل لکيل نوڪري ڪندڙ انجنيئر ماستر ڊاڪٽر ڪلارڪ ۽ هن وقت جي هاري جو به ڍڍ وڏو ۽ مٿو وارن کان خالي نه آهي هوندو؟

هاڻي هلون ٿا هڪ لک سال پوئتي.

هڪ لک سال اڳ جيڪي hunter gatherer سوسائٽي هئي ڇا اهي ناشتو ڪندا هيا؟

هزارين سال اڳ هزارين سالن تائين انسان اسُر ويل نڪرندو هيو ۽ ڪنهن جانور جو شڪار ڪري منجهند جو پچائي کائيندو هيو، ٻي پارٽي ڏينهن جو ڪيل شڪار کي رات جو ڪوئلن تي روسٽ ڪري سج لٿي مهل پيٽ ڀري ڪري رات آرام ڪندو هيو وري اڳئين ڏينهن منجهند جو ڪجهه کائيندو هيو.

انسان جي هزارين سال اها پريڪٽس هئي، ناشتو نه ڪندو هيو ۽ منجهند يا گهڻي ڀاڱي رات جو پيٽ ڀري کائيندو هيو، مڌ پي ٻه ٽي ماين کي منهن ڏئي غش ٿي ويندو هيو.

انساني جسم به ان غذائي پيٽرن جو عادي ٿي ويو هيو ۽ جسم به ان حساب سان ڪم ڪندو آهي.

ان جو مثال هن حقيقت مان وٺو ته اڪثر شگر پيشنٽ رات جو ماني کائي، ٻه ٽي گوريون ڦڪي ٻن ڪلاڪن کان پوءِ شگر چيڪ ڪندا آهن ته 150 هوندي آهي ۽ هو مطمئن ٿي سمهي پوندا آهن. صبح جو جڏهن شگر چيڪ ڪندا آهن ته اها 200 هوندي آهي. ڊاڪٽرن کي چوندا آهن ته ڊاڪٽر هي ڪهڙو ظلم آهي؟

اصل ۾ انسان هزارين سالن تائين صبح جو بغير کاڌي پيتي جي چئين پنجين وڳي ڪم ڪار، شڪار يا هارپي لاءِ نڪري ويندا هيا. هاڻي جسم کي انرجي جي ضرورت ته پوندي اها ڪٿان اچي. ان صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ جيرو يا جگر يا liver ڪم ايندو آهي جيڪو مٺاڻ يا انرجي کي اسٽور ڪري رکندو آهي ۽ صبح پنجين بجين اها شگر جسم ۾ رليز ٿيندي آهي، شگر پيشنٽ جي شگر ان ڪري وڌيل هوندي آهي.

جيڪڏھن اوھان liver ۾ اسٽور ٿيل شگر استعمال نه ڪندئو ۽ صبح جو دٻي ناشتو ڪندئو ته بيماريون ته ٿينديون ني ۽ fatty liver ته ٿيندو ني.

ڪاربوهائڊريٽ جو واڌو واهپو unused carbohydrates کي fate ۾ convert ڪري پيٽ ۽ پڇواڙي تي چرٻي جي صورت ۾ جمع ڪندو آهي، ان کي ئي ٿولھه چئبو آهي.

جديد تحقيق مطابق جنهن ۾ نالي واري آمريڪي نيوٽريشنسٽ Dr Eric Berg به شامل آهي ان مطابق صحت مند رهڻ لاءِ ناشتو پهرين فرصت ۾ بند ڪيو. جيڪو اهو بم ٺوڪيل آهي ته

 breakfast like a king, eat lunch like a prince and have a dinner like a begger

اهو سڀ بڪواس آهي.

اوهان کي بنيادي طور تي صرف ٻه ويلا کائڻا آهن، يعني ڏينهن جو ٻارهين وڳي ۽ رات جو اٺين وڳي. رات جي ماني ۾ چڪن ڪچري ۽ نان کان علاوه جيڪو وڻيوَ کائو.

ان پيٽرن کي چئبو آهي سورنهن اٺ جو فارمولو يعني سورنهن ڪلاڪ نه کائو اٺن ڪلاڪن ۾ ٻه ويلا کائو.

اوهان جيڪڏهن پنهنجين بيمارين تي ڪنٽرول ڪرڻ چاهيو تا ته اهو فارمولو ارڙهن ڇھه جو ڪري سگهو ٿا، يعني ارڙهن ڪلاڪ نه کائو ڇھه ڪلاڪ ۾ ٻه ويلا کائو.

شگر ڪينسر سميت اڪثر بيمارين جو گھڻي ڀاڱي علاج يا ان جي وڌجڻ کان روڪڻ لاءِ پوري دنيا ۾ لکين پڙهيل لکيل باشعور ماڻهو ان فارمولي تي عمل ڪندا آهن.

کائڻ جو اهو پيٽرن ويھه چار به ٿي سگهي ٿو، ٻاويهه ٻه به ٿي سگهي ٿو ۽ صفا extreme case ۾ هزارين ماڻهو OMAD اوماڊ تي عمل ڪندا آهن يعني One meal a day

هن فارمولي تحت اوهان کي ٽيويهه ڪلاڪ ڪجهه نه آهي کائڻو، هڪ ڪلاڪ ۾ جيترو کائي سگهو کائو.

ڪي ماڻهو ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي علاج ڪري ٻه ڏينهن يا اٺيتاليهه ڪلاڪن تائين ڪجهه نه آهن کائيندا ۽ بهترين رزلٽ ملندا آهن.

انساني جسم ۾ ايتري انرجي اسٽور هوندي آهي جو هڪ مهيني تائين ڪجهه نه کائڻ سان به ڪونه مرندو، ان ڪري اوهان intermittent fasting ذريعي بغير ڪمزور ٿئي بهترين زندگي گذاري سگهو ٿا.

هن intermittent fasting ۾ اوهان پاڻي پي سگهو ٿا، گرين ٽي، کيرا يا هڪ اڌ ٻي ڪچي سبزي کائي سگهو ٿا جنهن ۾ ڪاربوهائڊريٽ نه هجڻ برابر هجي.

اسانجا سنڌي ويچارا نه صرف تعليم ۾ پوئتي آهن، پر ڏسڻ ۾ به ايڏا ڪي خاص نه آهن هوندا، ٽيهن سالن کان مٿي هر سنڌي جو ڍڍ نڪتل هوندو آهي، ان فٽ هوندا آهن، جسماني طور تي ڪمزور هوندا آهن.

هي سڄي پٽاڙ ظاهر آهي سخت قسم جي مزدوري ڪندڙن لاءِ نه آهي. جيڪي ڪري سگهن ٿا اهي عمل ضرور ڪن.

هي سڀ ڳالهيون سائنسي حقيقتون آهن، هن قسم جي غذائي پيٽرن سان جسم ۾ جيڪي بائيولاجيڪل تبديليون اينديون آهن انهن جو ذڪر پوسٽ جي طوالت ڪري نه آهي ڪيو ويو، اهو سڀڪجهه ته ڪوبه ڊاڪٽر اوهان کي ٻڌائي سگهي ٿو. (فيس بوڪ تان ورتل)