لاس اينجلس(انٽريسٽنگ نيوز) ناسا بگ بينگ کان پوءِ ڪائنات ۾ پهرين روشنيون ظاهر ڪيون آهن. ناسا جي جيمس ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ (JWST) پهرين روشنين جا ثبوت حاصل ڪيا آهن جيڪي ڪائنات جي شروعات کان پوءِ ظاهر ٿيون. هڪ بين الاقوامي تحقيقي ٽيم جيمس ويب اسپيس ٽيليسڪوپ استعمال ڪندي هڪ قديم ڪهڪشان جو مشاهدو ڪيو آهي، جنهن بگ بينگ کان 330 ملين سال پوءِ روشني خارج ڪئي هئي. هيءَ ڪهڪشان JADES-GS-z13-1-LA جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي ۽ اها ڪائنات جي قديم ترين ڪهڪشائن مان هڪ آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ڪهڪشان تمام گهڻي هائيڊروجن گيس جي اوندهه ۾ هئڻ جي باوجود روشنيءَ کي خارج ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جيتوڻيڪ نظريي مطابق روشنيءَ کي مڪمل طور جذب ٿيڻ گهرجي ها. هي روشني اٽڪل 13.5 بلين نوري سال سفر ڪري جيمس ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ تائين پهتي. مطلب ته اسان هن ڪهڪشان کي ساڳي حالت ۾ ڏسي رهيا آهيون جيئن ڪائنات جي شروعات کان پوءِ هئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪائنات جيتري پري آهي، اوتري پراڻي نظر اچي ٿي ۽ اهو مشاهدو بگ بينگ جي تمام ويجهو وقت آهي. ناسا جي جيمس ويب اسپيس ٽيلي اسڪوپ شروعاتي ڪائنات جي روشنين جو ثبوت فراهم ڪندي فلڪيات ۾ هڪ نئون باب کوليو آهي.