نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) ڇا اوهان آمريڪي خلائي اداري ناسا جي مدد ڪري ڪروڙ پتي بڻجڻ چاهيو ٿا؟ جيڪڏهن ها ته اوهان کي ناسا کي ٻڌائڻو پوندو ته چنڊ تي ويجهي مستقبل ۾ انسانن جي پهچڻ بعد ڪچري کي ڪيئن محفوظ طريقي سان ري سائيڪل ڪيو وڃي، ليونا ري سائيڪل چيلينج نالي پروگرام لاءِ ماڻهن کي پنهنجا آئيڊياز فراهم ڪرڻ جو چيو ويندو، ناسا موجب اداري طرفان ڪچري کي ري سائيڪل ڪرڻ واري ٽيڪنالاجيز کي ترجيح ڏني ويندي، آمريڪي اداري جو چوڻ هيو ته زمين کان ٻاهر جي حالتن ۽ اتي جي کوج ۾ مددگار ڊيوائسز ۾ انهن ٽيڪنالاجيز جو استعمال ڪيو ويندو، جيڪو ان جو موزون حل پيش ڪندو، اهو ناسا کان 3 لک ڊالرز تائين (82 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) کٽي سگهي ٿو، دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو شهري ان پروگرام لاءِ پنهنجا آئيڊياز اماڻي سگهي ٿو، بس ان جي عمر 18 سال يا ان کان وڌيڪ هجڻ ضروري هوندي، ان چيلينج ۾ شرڪت ڪندڙ پنهنجو نالو 2 ڪمپٽيشن ٽريڪس ۾ جمع ڪرائي سگهندا، هڪ پروٽو ٽائپ بلڊ ٽريڪ ۽ ڊجيٽل ٽوئن ٽريڪ، پهرين مرحلي ۾ ڊيزائننگ، هارڊ ويئر ۽ سسٽمز تفصيلن تي ڌيان مرڪوز ڪرڻو پوندو، ان مرحلي جي فاتح کي 10 لک ڊالرز جو روڪ انعام ڏنو ڏيندو، پهرين مرحلي ۾ رڳو ڊيزائنز کي جمع ڪرڻو پوندو، هارڊ ويئر يا ڪنهن پروٽو ٽائيپ جي ضرورت نه پوندي، ٻئي مرحلي ۾ مڪمل سسٽم جي ورچوئل نقل ڊيزائن ڪرڻي پوندي ۽ ان مرحلي جي فتح کي 20 لک ڊالرز روڪ انعام ڏنا ويندا.