نازڪ ملڪي صُورتحال ۽ ماضيءَ ۾ ٿيل “معاھدا”

0
253
نازڪ ملڪي صُورتحال ۽ ماضيءَ ۾ ٿيل “معاھدا”

 پاڪستان جا سڀ وڏا رائيٽرز لکي رھيا آھن ته ملڪ اتنھائي خطرناڪ دور مان گذري رھيو آھي، پر خبر ناھي پوءِ به ملڪ ھلائيندڙ پنھنجي ڪنھن پاليسي کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن. اڪثريت ۾ ته ماڻھو عمران خان تي الزام ٿا ھڻن ته ھن ملڪ کي اھڙي خطرناڪ موڙ تي اچي بيھاريو آھي. مان پاڻ عمران خان تي تنقيد ڪندڙن ۾ شمار ٿيان ٿو پر منھنجي نظر ۾ اھو اڌ سچ آھي ته سڄو ڏوھ عمران خان جو آھي. جڏھن اڌ سچ ڪوڙ کان به خطرناڪ ھوندو آھي ۽  ھن وقت به ڪير پورو سچ لکڻ ۽ ڳالھائڻ لاءِ تيار نه آھي ۽ نه ئي ملڪ جا ملڪ سچ ٻُڌڻ لاءِ تيار آھن.

                 1971ع ۾ ملڪ ٽُٽي به اڌ ٿي ويو ۽ اڃان تائين حمود الرحمان رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وئي، ڇو ته سچ کي ظاھر ناھي ڪرڻو، سچ کان ھن ملڪ کي ھميشه چڙ رھي آھي، ھنن ھميشہ پنھنجو سچ گھڙيو آھي ۽ ھن وقت به اھڙو سچ گھڙيو پيو وڃي، پر ھن ايڪيھين صدي ۾ اھڙي ھٿرادو سچ جي گنجائش ئي نه رھي آھي. ھن وقت ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا کي بند ڪري حڪمران سمجھن ٿا ته عوام کي سچ جي خبر نه پوي، پر انٽرنيٽ اوھان عام ماڻھو لاءِ ته بند ڪري سگھو ٿا يا سوشل ميڊيا جون سائيٽس پڻ بند ڪري سگھو ٿا پر وي پي اين کي بند نٿو ڪري سگھجي، جنھن جي ذريعي سوشل ميڊيا جون سڀئي سائيٽس ھلن ٿيون، جيڪي مون وٽ ھن وقت به سڀ ھلي رھيون آھن ۽ خبر پوي پئي ته ملڪ ۾ ڇا ٿي رھيو آھي.

عمران خان پراجيڪٽ کي جنھن آندو، ان بابت ميڊيا تي ذڪر ئي نٿو ٿئي، جن ماڻھن عمران خان سان واعدا ڪيا ته اوھان کي 10 سالن جي حڪومت ملندي ۽ پوءِ صدارتي نظام لاڳو ڪري اوھان کي تاحيات صدر ڪيو ويندو. ان بابت ڪير تبصرو نٿو ڪري، ھي جيڪو ڪجھ مان لکي رھيو آھيان، اھو دنيا جي اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آھي ته عمران خان ۽ اسٽيبلشمينٽ جو ڪھڙو معاھدو ھو. اھا فطري ڳالھ آھي ته اگر ڪا ڌر پنھنجي ڪيل معاھدي تان ڦري وڃي ته اڳئين ڌر ان تي احتجاج ته ڪندي ۽ اھڙو معاھدو ڪنھن سياسي پارٽي سان ڪيو وڃي ته ان سياسي ليڊر کي اھو حق حاصل آھي ته ھو پنھنجي عوام کي کولي ٻڌائي ته ھن سان دوکو ڪيو ويو آھي. مان اھڙي معاھدي کي غير قانوني ۽ غير اخلاقي ٿو سمجھان پر اوھان اھڙو معاھدو اگر ڪيو  ھو ته پوءِ ان کي اھڙي طرح ٽوڙڻ پڻ ھڪ غير قانوني عمل آھي. ھن وقت جن ماڻھن عمران خان سان واعدا ۽ معاھدا ڪيا اُھي سڀ رٽائر ٿي دنيا جي خوبصورت ملڪن ۾ پنھنجي ٻارن سان گڏ زندگي گذاري رھيا آھن ۽ انھن جو ڪير وار ونگو به نٿو ڪري سگھي ۽ سڄو ڏوھ عمران خان تي ڏيئي رھيا آھن ته ھن ملڪ ۾ تباھي آندي آھي، جيڪا ڳالھ سياست کي سمجھڻ وارن کان ھضم ٿيڻ جھڙي ناھي.

ڪجھ سنڌ جا ماڻھو وري عمران خان جي انڪري حمايت ڪري رھيا آھن، جو ھو اسٽيبلشمينٽ سان مھاڏو اٽڪايو بيٺو آھي پر اھا به ماڻھن جي ڀُل آھي ته ڪو عمران خان انقلابي ليڊر ٿي ويو آھي ۽ اسٽيبلشمينٽ سان وڙھي رھيو آھي. حقيقت اھا آھي ته عمران خان جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙھ سندس اقتدار جي آھي ۽ ھو فوج کي پڻ سياست جي دعوت ڏيئي رھيو آھي ته اوھان سياست ڪريو پر منھنجي سپورٽ ڪريو. مان جڪي به حڪم ڪريان ان جي تڪميل ڪريو. اُھي حڪم آئيني ھجن يا غير آئيني پر فوج انکي سپورٽ ڪري، ھي واحد نڪتو آھي جنھن تي عمران خان اسٽيبلشمينٽ سان وڙھي رھيو آھي. عمران خان کي بلوچستان ۾ جيڪا صورتحال آھي ان تي ڪا تڪليف ناھي، عمران خان سڄي ملڪ کي ڊي ايڇ اي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو اٿن، ان تي به ڪا تڪليف ناھي. عمران خان 18 ترميم جي پڻ خلاف آھي، جنھن ٿوري گھڻي صوبن کي صوبائي خودمختياري ڏني آھي. ان کان سواءِ ٻيا جيڪي ننڍن صوبن جا  لاڳاپيل مسئلا آھن، جيئن پاڻي، اين ايف سي ايوارڊ، ڌارين جي آبادڪاري جھڙا مسئلا، جن خاص ڪري سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ڪري ڇڏي آھي، ان تي عمران خان کي ڪو عتراض ناھي. ان کانسواءِ  ھُو جمھوريت تي يقين پڻ نٿو رکي، جيڪا ٽي ساڍا ٽي سال حڪومت ڪيائين ان ۾ پارليامينٽ ۾ اچڻ ئي پسند نه ڪندو ھو. قانون سازي لاءِ صدارتي آرڊيننس تي ڪم ھلائيندو ھو. عمران خان پاڻ ايترو ڪنفيوز سياستدان آھي، جو ھو ڪنھن وقت سعودي نظام ته ڪنھن وقت وري چائنا جي نظام کي لاڳو ڪرڻ جي ڳالھ ڪندو رھندو آھي. جڏھن ته پاڪستان ۾ ھڪ پارلياماني حڪومت نظام آھي جنھن کي پڻ ھو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي.

عمران خان جي انھي سڄي سوچ جي باوجود ھن ملڪ جي تباھي جو سڄو الزام عمران خان تي نٿو لڳائي سگھجي. عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ واري صورتحال پڻ ملڪ جي پاليسي کي کولي ڇڏيو آھي. جڏھن پنجاب جي ماڻھن فوجي ھيڊ ڪواٽر ۽ ڪور ڪمانڊر لاھور جي گھر تي حملا ڪيا پر ملڪ جي فوج انھن تي ڪا گولي نه ھلائي ۽ نه ڪو خاص ايڪشن کنيو، پر ٿورو سوچيو اگر ائين سنڌ يا بلوچستان جا نوجوان ڪنھن فوجي آفيس يا ڇانوڻي تي حملو ڪن ھا ته ملڪ جي فوج جو ڪھڙو ري ايڪشن ھجي ھا. اھڙا واقعا تاريخ ۾ ٿيا آھن. ٽوڙي ڦاٽڪ جو واقعو ئي ڏسو، رڳو نوجوانن جي نعرن تي سنڌي شاگردن تي سڌيون گوليون وسايون ويون، نوجوان شھيد ٿيا ۽ سالن تائين جيلن ۾ سڙندا رھيا ۽ اھڙي طرح بلوچستان ۾ اھڙا واقعا ٿيندا رھن ٿا، جيڪي فوج سان پنھنجي حقن جي ڳالھ ڪن ٿا، انھن کي ماريو ۽ دھشتگردي جو نالو ڏنو ويندو آھي. پر پنجاب ۾ پي ٽي آئي وارن ملڪ کي ساڙي ڇڏيو آھي پر انجي باوجود انھن تي ڪو خاص ايڪشن نه ٿيو آھي. مان اھا ڳالھ واضح ڪندو ھلان، مان نوجوان کي مارڻ جي بلڪل حق ۾ ناھيان، چاھي اھو پنجاب جو ھجي، سنڌ جو ھجي يا بلوچستان جو پر رياست جو سلوڪ ملڪ جي سڀني اڪائين سان ھڪجھڙو ھجڻ گھرجي، جيڪو بلڪل به نه آھي. ۽ اھا ڳالھ وري ثابت ٿي رھي آھي ۽ ھاڻي ته ڪجھ پنجاب جا دوست به چئي رھيا آھن، ننڍن صوبن سان ماڻھن کي طاقت جي ذريعي ھيسايو ويندو آھي پر پنجاب جي ماڻھن سان رياست جو رويو بلڪل مختلف ھوندو آھي.

ھي ملڪ ھن نازڪ صورتحال مان ئي تڏھن نڪري سگھي ٿو، جڏھن ملڪ ۾ سياسي تجربا ٿيڻ بند ٿين ۽ ملڪ جي رھندڙ سڀني قومن سان ھڪجھڙو سلوڪ ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان ٿي سگھي ٿو.

[email protected]