اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيو آهي ته پاڪستان هن وقت هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي. ڀارتي ڌمڪين جي جواب ۾ هاءِ الرٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙي وقت ۾ جڏهن قومي اتحاد ۽ قابل اعتماد قيادت جي سخت ضرورت آهي، ملڪ جي قيادت هڪ خاموش ۽ بي پرواهه حڪومت ڪري رهي آهي، ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ قابل اعتماد اڳواڻ قيد ۾ آهي. پي ٽي آءِ جي سياسي ڪاميٽي ۽ ڪور ڪاميٽي  گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته حڪومت جي بي عملي جي ابتڙ، بالاڪوٽ جو هيرو عمران خان جيل جي ديوارن جي پويان به قوت ۽ واضح ردعمل جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. لڳ ڀڳ ٻه سال جي غير منصفانه قيد، قانوني ۽ خانداني رسائي کان انڪار جي باوجود هو واحد اڳواڻ آهي جيڪو پاڪستان جي خودمختياري جي دفاع ۽ قومي اتحاد جو مطالبو ڪري رهيو آهي. سندس پيغام واضح آهي ته “امن اسان جي ترجيح آهي، پر ان کي ڪمزوري نه سمجهو وڃي. بحران جي ان گهڙيءَ ۾ عمران خان جي قيادت بيحد ضروري آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته هن نازڪ وقت ۾ عمران خان کي خاموش ۽ اڪيلائي جي قيد ۾ رکڻ صرف ناانصافي نه آهي، پر ملڪ ۽ قوم سان دشمني جي برابر آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف عوام جي مڪمل حمايت سان عمران خان جي فوري آزادي جو مطالبو ڪري ٿي ته جيئن قوم پنهنجن پاڪ سرحدن جي دفاع لاءِ متحد ٿي سگهي.