حيدرآباد: قاسم آباد ۾ ماءُ ۽ ڌيءُ جي مبينا آپگهات واري معاملي تي سڄو ڏينهن سوشل ميڊيا تي به بحث هلندو رهيو. ڪجهه ماڻهن اهو ڄاڻايو ته جيڪڏهن مسمات ريشم ابهم نياڻي کي گولي هڻي قتل ڪيو ۽ وري جڏهن پاڻ کي به گولي هڻي ماريو ان دوران سندس پسٽل هٿ ۾ موجود نه رهي ها ڇاڪاڻ ته فائر هن ويهي نه پر بيهي ڪيا هوندا ۽ ساهه جو سڳو ٽٽڻ بعد فرش تي ڪري هوندي جنهن دوران ٽي ٽي پستول به سندس هٿ مان ڇڏائي فرش تي ڪريو هوندو ان ڪري ان معاملي جي هر رخ کان جاچ ٿيڻ گهرجي. شروعاتي طور پوليس به معاملي کي آپگهات جو رنگ ڏنو آهي پر بحث ڪندڙ ماڻهو واقعي کي قتل به قرار ڏئي رهيا آهن. ميڊيڪو ليگل شعبي پاران ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءُ جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ پوليس حوالي ٿيندي ان ڪري انهن پاران به سندن موت جو واضح ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو پر ميڊيڪو ليگل شعبي جي ڊاڪٽرياڻي پاران ڄاڻايو پيو وڃي ته ابهم ٻارڙي عمار کي ساڄي پاسي ڪن کان ٿورو مٿي هڪ گولي لڳل هئي جڏهن ته سندس ماءُ مسمات ريشم کي ساڄي پاسي لونڌڙي ۽ ڪن جي وچ ۾ مٿي حصي کان هڪ گولي لڳل هئي ۽ رت وهڻ سبب ٻئي ماءُ ۽ ڌيءُ فوتي حالت ۾ اسپتال منتقل ٿيا هئا.