گمبٽ / کهڙا (نمائندن وٽان) ناري روبينا اڄڻ جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي ڪوٽڏيجي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ناري روبينا اڄڻ جي قتل ڪيس ۾ هڪ ٻيو جوابدار لعل بخش عرف داد شيخ کي گرفتار ڪري رماند ورتو ويو آهي، ان کان اڳ بابر علي بوئو کي گرفتار ڪيو ويو هو، جڏهن ته ناري جي امڙ واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ لاش ڪنڊياري جي قبرستان مان ڪڍرائي وارثن حوالي ڪرڻ لاءِ قرآن پاڪ لوڏي انصاف جي گهر ڪري رهي آهي، هوڏانهن ڊي جي هيلٿ حيدرآباد جي ليٽر جي جواب ۾ پوليس سرجن نوابشاهه ڊاڪٽر ذوالفقار علي شاهاڻي مقتول ناري جي قبرڪشائي ڪري پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ 5 ڊاڪٽرن تي مشتمل ميڊيڪل بورڊ جوڙي 17 جون جي تاريخ مقرر ڪئي آهي. هوڏانهن گمبٽ ۾ ڳوٺ فيضل مهر جي رهواسي شيخ برادري جي عورتن ۽ مردن پاڪ ڪتاب کڻي ڪوٽڏيجي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، انور خاتون شيخ، حسنا خاتون، مسمات جندل خاتون، رخسانا خاتون، نثار احمد، الطاف حسين صحافين کي ٻڌايو ته 3 هفتا اڳ کهڙا واسڻ روبينا اڄڻ قتل ٿي هئي، ان جو لاش روهڙي ڪئنال مان هٿ آيو هو، ڪوٽڏيجي پوليس دادن شيخ کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻيا ٽي نوجوان گڏو، ڪليم ۽ رضا محمد به گم آهن، اسان جو ناري جي قتل سان ڪو به تعلق نه آهي. ڊپ آهي ته پوليس اسان جي نوجوانن کي فل فرائي نه ڪري ڇڏي.