سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) ناري تعلقي ۾ اربين رپين جي 6 هزار 665  ايڪڙ زمين جي کاتن ۾ ڦيرڦار ڪري پرائيويٽ ماڻھن کي الاٽ ڪرڻ جو انڪشاف، غيرقانوني طور تي الاٽمينٽڪري زمين گئس ڪمپنين کي وڪرو ڪري سرڪاري خزاني کي اربين رپين جو نقصان پھچائڻ وارو ڪيس اينٽي ڪرپشن چالان ڪري ڇڏيو، 271 روينيو توڙي پرائيويٽ ماڻهن مٿان سرڪاري کاتن ۾ ڦيرڦار ڪري کاتا پرائيويٽ ماڻھن جي نالي ڪرڻ جو الزام. رپورٽ موجب خيرپور ضلعي جي تعلقي ناري ۾ 6665 ايڪڙ سرڪاري زمين جعلسازيءَ سان ھيرا ڦيري ڪري پرائيويٽ ماڻھن جي نالي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آھي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب روينيو عملدارن ۽ ٻين جي ملي ڀڳت سبب ديھه راجستان جُبو ۾ اربين رپين جي سرڪاري زمين پرائيويٽ ماڻھن جي نالي ڪئي وئي، جعلسازيءَ سان سرڪاري زمين جي کاتن ۾ ڦير ڦار ڪرڻ بعد اُھا زمين پرائيويٽ ماڻھن پرائيويٽ گئس ڪمپنيءَ کي فروخت ڪئي وئي، سرڪاري زمين ۾ ھيرا ڦيري ڪري سرڪاري خزاني کي اربين رپين جو نقصان پھچائڻ وارو معاملو اينٽي ڪرپشن وٽ پھتو، اينٽي ڪرپشن خيرپور اربين روپين جي سرڪاري زمين جعلسازيءَ سان پرائيويٽ ماڻھن جي نالي ڪرڻ واري معامري جي جاچ ڪئي، اُن وقت جي جاچ آفيسر جاچ مڪمل ڪري انچارج اسپيشل جج، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر کي ڪيس سي ڪلاس ۾ خارج ڪرڻ متعلق رپورٽ جمع ڪرائي، جنھن بعد اينٽي ڪرپشن ڪورٽ سي ڪلاس ۾ ڪيل آءِ او جي رپورٽ کي رد ڪندي ڄاڻايل رپورٽ کي اڻ مڪمل ۽ بديانتي قرار ڏنو. عدالت پاران سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن خيرپور عبدالحميد کي 271 ماڻھن واري ڪيس ۾ چالان داخل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي رپورٽ جمع ڪراڻ جو حڪم ڏنو. جنھن کان پوءِ سرڪل آفيسر خيرپور عبدلحميد 271 ماڻھن خلاف داخل ڪيس چالان ڪري رپورٽ عدالت م جمع ڪرائي ڇڏي آھي.  اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۾ ڪيس جو ٽرائل ايندڙ مھيني شروع ٿيندو. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمين جعل سازيءَ سان پرائيويٽ ماڻھن جي نالي ڪندڙ روينيو عملدارن توڙي پرائيويٽ ماڻھن کي بااثر ماڻھن جي پٺڀرائي آھي. خيرپور ضلعي جي تعلقي ناري جي ديھ راجستان جُبو ۾ سرڪاري ھزارين ايڪڙ زمين جعلسازي سان روينيو عملدارن جي ملي ڀڳت سان نالي ڪرائڻ جي الزام ۾ محمد رمضان چاچڙ، بئراج تپيدار محمد عمر لاڙڪ، بئراج تپيدار خدا ڏنو، اُن وقت جي ڊي ڊي او روينيو عطا محمد عباسي، اڳوڻو بئراج تپيدار محمد عمر لاڙڪ، ٻڍو خان، ٻڍو پٽ الله ڏنو، ڀالو، مير محمد، غلام محمد، پريل،  عبداللھ، خدا بخش، محمد قاسم، غني، شريف، پير بخش، نور محمد، اللھ ورايو،علي ڏنو، محرم، ٺارو سميت 271 ڄڻا شامل آھن.