چونڊڪو (رپورٽ: ممتاز سومرو) فاريسٽيشن ڊويزن خيرپور پاران سرڪاري زمين تان غيرقانوني قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ڊپٽي ڊائريڪٽر فاريسٽ نوٽيس جاري ڪري ڄاڻايو آهي ته شهري رضا محمد ۽ ٻين پاران داخل درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج خيرپور جي حڪم تي عمل ڪندي فاريسٽ کاتي جي انتظاميه، پوليس ۽ رينجرز سان گڏجي قبضا ڇڏائڻ جي ڪارروائي ڪندي. نوٽيس موجب قبضا ڪندڙن کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي ته هو سرڪاري زمين پاڻمرادو خالي ڪن، ٻي صورت ۾ بنا ڪنهن رعايت جي سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان نوٽيس جي ڪاپي سيشن جج، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي، ڊي ايس پي، ۽ رينجرز سميت ٻين لاڳاپيل ادارن کي پڻ اماڻي وئي آهي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي فاريسٽ آفيسر اثبات علي ملاح ٻڌايو ته ڊويزن فاريسٽ آفيسر مالڪ ڏنو ملاح ۽ رينج فاريسٽ آفيسر سعيد کوسو سان گڏجي عدالتي حڪم تي هڪ خاص ٽيم جوڙي وئي آهي، جيڪا مقرر وقت اندر قبضا ڇڏائڻ جي مڪمل ڪاروائي ڪندي.