پيرجوڳوٺ(ن پ ا) ڪيتريون ئي انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ ناريجا سولنگي تڪرار جي نبيري لاءِ تاريخ مقرر، 27 فيبروري تي غوث بخش مهر وٽ فيصلو ڪيو ويندو، رپورٽ موجب سيد زمان شاهه راشدي جي ڪوششن سان ڪنگري ۾ هلندڙ ناريجا سولنگي تڪرار جي نبيري لاءِ فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، ٻنهي ڌرين جي رضا مندي سان شڪارپور ۾ غوث بخش مهر وٽ سندس سرپئنچي ۾ فيصلو ڪيو ويندو، ياد رهي ته تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا 9 جڻا قتل ٿي چڪا آهن، ڌرين ۾ فيصلي جي تاريخ مقرر ٿيڻ بعد علائقي ۾ خوشي واري لهر ڇائنجي وئي آهي.