پريالوءِ/پيرجوڳوٺ (نمائندن وٽان) ناريجا سولنگي تڪرار تان گذريل ڏينهن ڪوٽ مير محمد لڳ کولرا ڳوٺ ۾ ناريجا هٿياربندن هٿان قتل ٿيل ٻن ڄڻن ثناءُ الله سولنگي ۽ محمد يامين سولنگي جي وارثن ٻنهي مقتول نوجوانن جا لاش وڏا ماڇيون اسٽاپ تي رکي ڌرڻو ھنيو، احتجاج ڪندڙن قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ ايس ايچ او پريالوءِ ۽ ايس ايچ او فيض محمد ٻنڊو کي ھٽائڻ جي گهر ڪئي، جڏهن ته اي ايس پي خيرپور فراز ميتلو  پهچي مقتولن جي وارثن سليم سولنگي، شمن سولنگي، نثار سولنگي، نور محمد سولنگي ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪيون ۽ مقتولن جي وارثن جا مطالبا تسليم ڪيا جنھن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو، بعد ۾ ٻنهي مقتول نوجوانن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سولنگي برادري سميت آس پاس جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جنھن بعد کين اباڻي ڳوٺ جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٻئي طرف مختلف ٿاڻن جي پوليس فيض محمد ٻنڊو جي مختلف ڳوٺن تي چڙهائي ڪري شڪ جي بنياد تي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته جوابدارن جي گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ۽ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، هوڏانهن سولنگي ناريجا تڪرار سبب پيرجوڳوٺ، وڏا ماڇيون ۽ ٻين علائقن ۾ سخت خوف واري صورتحال رهي ۽ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو گهرن تائين محدود بڻيل آهن.