ڪنري(ن پ ا) ڪئنالن جو ڪيس سي سي آءِ ۾ وڙهنداسين، اجلاس جو انتظار آهي اهڙو اظهار سنڌ جي آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ڪنري ويجهو ڳوٺ مانجھاڪر  ۾ نواب يوسف جي وڇوڙي تي تعزيت بعد صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت ڪئنالن وارو ڪيس سي سي آءِ  ۾کڻي وئي آھي، هاڻي بس اجلاس جو انتظار آهي، ڪئنالن وارو ڪيس سي سي آءِ ۾ پيل آھي، اجلاس ٿيندو ته ڀرپور انداز ۾ ڪيس وڙهنداسين، پيپلز پارٽي هميشه سي سي آءِ  جو  اجلاس گھرائڻ جو مطالبو ڪيو آھي، سي سي آءِ جو اجلاس ٿئي ته ڪيس وڙهي سگهون ٿا، سي سي آءِ ۾ ڪيس پيل آھي، ايڪنڪ ۾ به اسان ڪيس وڙھون پيا، هن چيو ته آئون ايڪنڪ جو ميمبر آھيان ۽ اهو ڪيس ڀرپور نموني وڙھنداسين، هن چيو ته نواب يوسف جو وڇوڙو وڏي سياستدان جو وڇوڙو آھي، نواب يوسف پاڻي جي اشو سميت سنڌ جا سمورا ڪيس ڀرپور نموني وڙھيو، سندس خال ڀرجڻ جهڙو نه آھي، ان موقع تي آبادگار اڳواڻن غلام اڪبر درس، حاجي شڪيل باجوا، محمد سعيد ميمڻ، صوبائي وزير اڳيان شڪايتون ڪندي چيو ته نارا ڪئنال ۾ 10 هزار ڪيوسڪ پاڻي آھي، پر هتي ڪنري سب ڊويزن ۾ پاڻي نه آھي، هڪ شاخ به ڪونه ٿي هلي، صوبائي وزير چيف انجينيئر سکر کي هدايت ڪئي ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال سان ملي مٺڙائو ڊويزن ۾پاڻي جو مسئلو حل ڪرايو، ان موقعي تي سيڪريٽري آبپاشي ظريف کيڙو، ايم ڊي سيڊا پريتم داس، چيف انجينيئر سکر منصور ميمڻ، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ ٻيا موجود هئا.