بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز)جيڪڏهن زال ناراض ٿي وڃي ته ان کي پرچائڻ لاءِ مڙس ڇا ڪجهه ڪري سگهي ٿو؟ چين ۾ هڪ شخص ناراض زال کي پرچائڻ لاءِ اهڙي طريقي جي چونڊ ڪئي، جيڪو دنگ ڪري ڇڏڻ وارو آهي، ان شخص ناراض زال کي پرچائڻ لاءِ 100 ڏينهن ۾ 4400 ڪلوميٽر جي فاصلي تائين سائيڪل هلائي، صوبي جيانگسو سان تعلق رکندڙ زائو لي نالي عورت سان 2007 ۾ شادي ڪئي هئي، پر 2 سال اڳ ذاتي اختلافن سبب سندس زال ڌار رهڻ لڳي، زائو موجب اسان ٻنهي وچ ۾ ڪو وڏو مسئلو نه هيو، بس اسان ٻنهي ضد تي هياسين ۽ ڌار ٿي وياسين، پر اسان ٻئي رابطي ۾ رهياسين ته جيئن ٻيهر ملي سگهون، زائو جي زال لي ان حوالي سان ٻڌايو ته هو چاهيندو هيو ته اسان هڪ ڀيرو گڏ ٿي وڃون ۽ مون مذاق ۾ چيو ته ان کي لهاسا تائين وڃڻو پوندو، جيڪڏهن اهو سائيڪل تي اتي وڃي ٿو ته مان ٺاهه ڪري وٺنديس، هن ٻڌايو ته صحيح ڳالهه ته اها آهي ته مون اهو سڀ ايئن ئي چيو هيو، پر مون کي اميد نه هئي ته اهو حقيقت ۾ ايئن ڪندو، زائو پنهنجي سفر جي شروعات 28 جولاءِ تي نانجنگ شهر کان ڪئي ۽ 100 کان وڌيڪ ڏينهنت ائين سائيڪل تي 4400 ڪلوميٽر جو فاصلو طئي ڪري 28 آڪٽوبر تي لهاسا تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿيو، ان سفر دوران کيس 2 ڀيرا ڏينهن لڳو، ٻيو ڀيرو زائو جي بيمار ٿيڻ تي سندس زال به اسپتال پهتي ۽ سفر ملتوي ڪرڻ تي زور ڏنو، پر زائو انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته اهو سفر مڪمل ڪري پنهنجو ارادو ظاهر ڪرڻ چاهي پيو، زائو جي صحتيابي بعد سندس زال به ان سفر ۾ شامل ٿي وئي ۽ اهي ٻئي گڏ 28 آڪٽوبر تي لهاسا پهتا، جتي هڪ تقريب ۾ ٺاهه جو اعلان ڪيو.