اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل ڊيٽابيس رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار احمد کي جعلي ڊگري ثابت ٿيڻ تي نوڪري تان برطرف ڪيو ويو. ذريعن موجب نادرا جي ڊائريڪٽر جنرل ذوالفقار احمد جي، ايم بي اي جي ڊگري تي دستخط ڪندڙ شخص ان وقت جارج ميسن يونيورسٽي آمريڪا جو صدر نه هو، جڏهن ته بي بي اي جي ڊگري ۾ ڏنل ڪاليج جو نالو اصل ۾ ڊگري جاري ٿيڻ جي وقت ڪجهه ٻيو هيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نادرا جي درخواست تي هائير ايجوڪيشن ڪميشن انڪوائري ڪئي جنهن ۾ نادرا پاران مليل ڄاڻ جي تصديق ڪئي وئي. ذريعن موجب ذوالفقار احمد نادرا جي شوڪاز نوٽيس تي ڪو به اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن بعد چيئرمين نادرا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۽ شوڪاز تي غير اطمينان بخش جواب ڏيڻ تي ڪارروائي ڪندي ذوالفقار احمد کي عهدي تان برطرف ڪري ڇڏيو.