ناجائز ڪمن کان انڪار تي ڪارروايون ڪيون ويون: معطل ڪلارڪ

0
20
ناجائز ڪمن کان انڪار تي ڪارروايون ڪيون ويون: معطل ڪلارڪ
ناجائز ڪمن کان انڪار تي ڪارروايون ڪيون ويون: معطل ڪلارڪ

خيرپور (رپورٽر) سيڪريٽري صحت طرفان اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي پٽ ۽ سول اسپتال ۾ قائم اکين واري اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر لياقت علي شاهه کي مئل ڄاڻائي عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ واري معاملي بابت انڪشاف ڪندڙ ڊي ايچ او آفيس جي هٽايل ڪلارڪ طارق حسين ڇڄڙو روزاني پنهنجي اخبار آفيس پهچي ٻڌايو ته 2012ع ۾ ڊپٽي سيڪريٽري مولا بخش شيخ، عبدالمجيد ۽ سڪندر ميمڻ هاءِ ڪورٽ سکر  ۾ ملازمن جي جعلي هجڻ بابت لکي ڏنو ته اهي ملازم غير تجربيڪار آهن، جن کي دوائن بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي، انديشو آهي ته اهي ماڻهن کي غلط دوائون ڏيڻ سان گڏ غلط علاج ڪندا جنهن ڪري انساني جانين کي نقصان پهچي سگهي ٿو، جنهن تي عدالت انهن ملازمن جون نوڪريون چٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن ٻڌايو ته عدالتي حڪمن باوجود اهڙن ملازمن کان 10، 10 لک رپيا رشوت وٺي کين نوڪريون ڏنيون ويون پر سال 2021 ۾ ڊي ايچ او محمد حسين ابڙو کي چئي مون کي معطل ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ 2023ع ۾ اينٽي ڪرپشن چيئرمين کي مون درخواستون ڏنيون، جنهن کانپوءِ انڪوائري بعد مون کي بحال ڪيو ويو، هينئر ڊي ايچ او ڊاڪٽر نديم اشرف جوکيو غلط ماڻهن جا ايريل بل ڀري ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي مون کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته مون نوڪري تان معطليءَ کانپوءِ هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي، جنهن تي عدالت صحت کاتي جي عملدارن کي انڪوائري جو حڪم ڏنو، جن جاري ڪيل رپورٽ ۾ اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي پٽ ۽ اڳوڻي ڊي ايچ او ڊاڪٽر سيد لياقت شاهه کي ناڪارا ۽ مئل قرار ڏئي اهڙي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جيتوڻيڪ هو زندهه آهي ۽ هن لکي ڏنو آهي ته طارق ڇڄڙي کي ڊيوٽي تي مان بحال ڪيو آهي، هن چيو ته مون صحت کاتي ۾ ڀرتيءَ کان پوءِ مسلسل پنهنجي ڊيوٽي ايمانداري سان ڪئي آهي، حق سچ ڳالهائڻ ۽ ناجائز ڪمن کان جواب ڏيڻ سبب انتقامي ڪارروائين تحت مون کي معطل ڪيو ويو آهي پر آئون خاموش نه ويهندس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي، هن ٻڌايو ته خيرپور ضلعي جي ننڍين وڏين اسپتالن ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽن جي 45 ڪروڙ رپيا ساليانه بجيٽ آهي، ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس ۾ ڪانٽيجنسي جي بنياد تي ڪانٽريٽ تي ملازم کڻڻ لاءِ الڳ بجيٽ آهي، پر  ڊي ايچ او ڪانٽيجنسي بنياد تي ملازم رکڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ في الحال ٽي ڪروڙ رپيا ڏيڻ لاءِ لکيو آهي، جيڪي ميڊيسن ۾ ڏيکاريا ويندا ۽ سيڪريٽري صحت کي پڻ پنهنجو حصو پاڻي ڏنو ويندو آهي، جڏهن ته اسپتالون ۽ بيسڪ هيلٿ يونٽ دوائن ۽ سهولتن کان محروم بڻيل آهن، هن اهو به انڪشاف ڪيو ته خيرپور ۾ 1650 کان وڌيڪ ليڊي هيلٿ ورڪرز آهن پر انهن مان 50 ليڊي هيلٿ ورڪرز به ڪم ناهن ڪنديون ۽ 20 کان 25 هزار رپيا ماهوار ڏئي ويزا تي ويل آهن، جڏهن ته 20 کان وڌيڪ ڊاڪٽر به ويزا تي ويل آهن، جيڪي هر مهيني 80 هزار رپيا ڊي ايچ او آفيس ۾ ڏين ٿا، جڏهن ته هڪڙو ڊاڪٽر اسلام آباد ۾ آهي جيڪو پڻ ماهوار سرڪاري پگهار کڻي رهيو آهي، هن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي اپيل ڪئي ته مون کي حق سچ ڳالهائڻ ۽ ڪرپشن نه ڪرڻ سبب هٽايو ويو آهي تنهنڪري مون کي ڊيوٽي تي بحال ڪرائي مون سان انصاف ڪيو وڃي.