عمرڪوٽ(رپورٽر) 6 مهينا اڳ وومين ٿاڻي عمرڪوٽ جي حد ۾ شهر جي راڻا چوڪ تي ٽن جوابدارن دليپ ڪولهي، سنتوش ڪولهي ۽ ڀاگچند ڪولهي پاران نابالغ ڇوڪري لڇمي مالهڻ کي ورغلائي کڻي وڃي دليپ ڪولهي پاران شادي ڪرڻ تي ٽنهي جوابدارن خلاف چائلڊ ميئرج ايڪٽ تحت سندس امڙ گوريا مالهڻ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جيڪو ڪيس سول جج 2  اختر علي عمراڻي جي عدالت ۾ هلندڙ هو، جنهن جو ڪالھه عدالت فيصلو ٻڌائيندي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي شادي ڪندڙ دليپ ڪولهي، سندس ڀاءُ سنتوش ڪولهي ۽ ڀاڳچند ڪولهي کي 2/2 سال قيد ۽ 10/10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار ٻه هفتا وڌيڪ جيل ڪاٽيندا.