سکر/لاڙڪاڻو(نمائندن وٽان) نائين ۽ ڏهين جا امتحان، 56 شاگرد ڪاپي ڪيس 34 جعلي اميدوار سوگها، سکر تعليمي بورڊ سکر جي ماتحت نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري آهن، ڏهين جماعت جي اميدوارن فزڪس جو پيپر ڏنو. جنهن ۾ 56 اميدوار کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، گهوٽڪي ضلعي جي 26،خيرپور ضلعي جي 20 ۽ سکر ضلعي جي 10 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو،ٻي طرف لاڙڪاڻي ۾ نائين جماعت جي فزڪس جو پرچو ورتو ويو، سواليه پيپر اميدوارن جي هٿ ۾ اچڻ شرط اميدوار سرعام انوجيليٽرن جي موجودگيءَ ۾ گائيڊن ۽ موبائيل فون سميت ٻئي مواد جي ذريعي بنا خوف ۽ خطري جي ڪاپي ڪندي نظر آيا، تعليمي بورڊ لاڙڪاڻو جي چيئرمين خالد حسين مهر موجب ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن جي مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري هن وقت تائين مجموعي طور 777 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪرڻ سان گڏ اڄوڪي ڏينهن تي 34 جعلي اميدوارن کي سوگهو ڪيو آهي.