نائين اليون سرپرائيز نه هو، ماڻهو اڄ به ڊڄن ٿا: اُسامه جو پٽ

0
17
نائين اليون سرپرائيز نه هو، ماڻهو اڄ به ڊڄن ٿا: اُسامه جو پٽ
نائين اليون سرپرائيز نه هو، ماڻهو اڄ به ڊڄن ٿا: اُسامه جو پٽ

دوحه(م ڊ) القاعده جي مارجي ويل اڳوڻي سربراهه اسامه بن لادن جي قطر ۾ رهندڙ پٽ عمر بن لادن چيو آهي ته اسامه بن لادن جو پٽ ٿيڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، ماڻهو اڄ به اسان سان رابطو ڪرڻ کان ڊڄن ٿا. هڪ وقت هوندو هو اسامه بن لادن کي بندوق نه بلڊوزر هلائڻ ايندو هو. بي بي سي کي انٽرويو ۾ عمر بن لادن چيو ته والد تمام نرم هوندو هو پر ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ڪندو هو، ان جي زندگي تمام گهڻي سخت هئي. والد 90 واري ڏهاڪي تائين گهربل نه هو. سويت جنگ کانپوءِ منهنجي ملڪ سعودي عرب ۾ پنهنجي خاندان سان ڪو به رابطو نه ٿيو هو. افغانستان ۾ بابا سان ڪجهه وقت رهيو هيس، نائن اليون کان اڳ پنهنجي والده نجوي غانم سان گڏ افغانستان مان نڪري ويو هيس. عمر بن لادن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آئون آمريڪا خلاف وڏي جنگ واري خدشي کان خوش نه هيس، نائن اليون بابت پڇيو سوال جي جواب ۾ عمر بن لادن جو چوڻ هو ته هو اسان لاءِ سرپرائيز نه هو ڇاڪاڻ جو اسان کي خبر هئي ته والد وڏي عرصي کان آمريڪي مفادن ۽ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ تي حملو ڪرڻ چاهي پيو ۽ هو سالن کان ان حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. اسان جو ردعمل باقي ماڻهن جيان ئي هو، اسان جا احساس ٻين ماڻهن کان مختلف نه هئا.