نائون ڏهون درجو ۽ نئون انگريزي ڪتاب

0
84
پڙهائي جي لاءِ عقلي سمجهاڻي ۽ اڳواٽ حڪمت عملي

ڪنهن به مناسب روزگار سان نه هجڻ سبب ۽ پنهنجي ڪجهه ذاتي مشغولين ڪارڻ گذريل چئن سالن کان مان پنهنجي استادي ڪرت کان پري رهيو آهيان. ريفارم سپورٽ يونٽ (آر ايس يو)، اسڪول ۽ تعليم کاتو، حڪومتِ سنڌ سان اسان جو معاهدو 31 ڊسمبر، 2018ع ۾، هي چئي ختم ڪيو ويو هو ته، حڪومت آر ايس يو کي بند ڪرڻ چاهي، ۽ سنڌ ۾ تعليم جي سڌاري جي حوالي سان نوان منصوبا ڪونه پئي آڻي. پر آر ايس يو اڄ به موجود آهي. پروجيڪٽس به هلي رهيا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ جي تعليم ۾ سڌارو اڄ به هڪ وڏو سوال بڻيل آهي. پڙهندڙن کي ٻڌائيندو هلان ته 2012ع  ۽ 2013ع جي اين ٽي ايس پاس پي ايس ٽيز، جي ايس ٽيز ۽ ايڇ ايس ٽيز جي مقرري به اسان جي هٿن سان ٿي، ان بعد 2016ع ۾ سکر آئي بي اي ٽيسٽ پاس هيڊ ماسٽرز جي مقرري ۽ ٽريننگ به اسان جي هٿان ٿي. هن وقت جيڪا پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جي مقرري ٿي رهي آهي ان جي پاليسي (ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي 2017 جنهن ۾ ٿوري گهڻي ردوبدل ڪري ساڳي پاليسي کي 2021 ۾ آندو ويو) به اسان کان تيار ڪرائي وئي هئي جيڪا اصل ۾ غلط پاليسي هئي. جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان ٽيسٽ ۾ 55 پاس مارڪن واري حد تي اعتراض اٿاريا هئا ۽ هر مضمون ۾ 20 مارڪون لازمي پاس واري کي نوڪري ملڻ تي به اسان هاءِ گهوڙا ڪئي هئي پر سرڪاري گهوڙن  اسان گڏهن جي هڪ به نه ٻڌي ۽ اڳتي تيزي سان ڊوڙندا ويا.

ٽيسٽ جو نتيجو آيو ته سڀني جا هٿ مٿي کڄي ويا ڇاڪاڻ جو پاليسي جي حساب سان ته ڪير به پاس ڪونه ٿيو هو ۽ حڪومت کي ٽيسٽ پاس اميدوارن جي احتجاجن سبب ۽ هزارين خالي آسامين کي پر ڪرڻ سبب پاليسي کي پاسي تي رکي پاسنگ مارڪس (55 سيڪڙو) واري معيار کي هيٺ آڻيندي،  پهريان 50، بعد ۾ 45 ۽ هاڻي 40 سيڪڙي تي آڻي ڀرتيون ته ڪيون ويون آهن پر آساميون پوءِ به رهجي ويون آهن. سو “سرڪار آهي وڻي ته شهر ٻوڙائي وڻي ته عالمي امداد آڏو گوڏا کوڙي مرضي جي مالڪ آهي.” اچو ته هلئون پنهنجي اصل موضوع ڏانهن.هڪ ڏينهن منهنجو هڪ پاڙيسري مون وٽ آيو ۽ روايتي حال و احوال اورڻ بعد گذارش ڪرڻ سان گڏ هي صلاح به ڏنائين ته، “سائين ڇونه توهان جي تجربي مان فائدو حاصل ڪجي. اسان جي ڄاڻ سڃاڻ وارن جو هڪ اسڪول آهي جيڪڏهن توهان چاهيو ته مان توهان جي لاءِ اتي ڪا گنجائش پيدا ڪرائي سگهان ٿو. توهان جي تجربي مان لاڀ حاصل ڪيون.”

حقيقت هي آهي ته مون سڌو سنئون انڪار ۾ جواب ڏنو هو ۽ چيو هو ته، “اصل ۾ منهنجو پڻ هاڻي هن شهر ۾ هڪ بهترين تعليمي اداري کي کولڻ جو پروگرام آهي ۽ ان تي مان ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهيو آهيان.” پاڙيسري ورندي ڏني ته، “توهان کي حق آهي ته توهان اسڪول کوليو پر منهنجي هڪ هي صلاح به آهي ته هن شهر ۾ اسڪول کولڻ گهاٽي جو ڪاروبار آهي. والدين اسڪول فيس نٿا ڏين. ٽي چار مهينا ٿي وڃن ته ٻار اسڪول مان ڪڍرائي شهر جي ڪنهن ٻئي اسڪول ۾ داخل ٿا ڪن. انهيءَ کان علاوه سرڪار کان اسڪول جي رجسٽريشن وٺڻ لاءِ ڳري رشوتون ڏيڻيون ٿيون پون. والدين جي ٻڌڻي ٿي پئي ۽ مناسب پگهار تي استاد به ڪونه ٿا ملن. ظاهر آهي خانگي اسڪولن جي آمدني جو وسيلو هڪ ئي آهي؛ اهو آهي ٻارن جي ماهوار فيس. جڏهن اهائي باقائدگي سان نٿي ملي ته اسڪول لوڙين ٿا ۽ نتيجي ۾ سٺا استاد رکڻ ته هڪ مسئلو آهي ئي، ٻيو پگهار جيڪڏهن ٻه مهينا ڏيڻ ۾ دير ٿي وڃي ته استاد ڇڏي ٿا وڃن. هڪ ٻيو مسئلو به آهي. شهر ۾ سوين خانگي اسڪول هجڻ ناتي استادن کي جتي ٻه پيسا وڌيڪ ٿا ملن ته باوجود هڪ اسڪول سان معاهدي ڪرڻ جي، اهي اسڪول انتظاميا کي بغير ٻڌائڻ جي ڇڏي هليا ٿا وڃن. وڌيڪ توهان جي مرضي آهي. پر منهنجي وري به صلاح هي آهي ته اسڪول ڪنهن وڏي شهر ۾ کوليو يا ڪو ٻيو ڪاروبار ڪيو پر خيرپورناٿن شاهه ۾ اسڪول نه کوليو.” جڏهن مون هن کان هي پڇا ڪئي ته، “ايترن سارن مسئلن جي هوندي مونکي جنهن اسڪول سان جڙڻ جي لاءِ توهان چئي رهيا آهيو

ڇا ان سان هي مسئلا ناهن جن جي باري ۾ توهان نشاندهي ڪري رهيا آهيو.” ورندي ملي ته، “بلڪل آهن پر اسڪول انتظاميا انهن هڙني مسئلن کي سهڻي نموني سان منهن ڏئي ٿي وڃي ٻيو اسڪول ڪافي پراڻو آهي سو والدين به ان اسڪول جي ڪارڪردگي تي خوش آهن. باقي ان اسڪول سان آمدني وغيره جو ڪو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي.” مون ها ته ڪئي پر ٻه شرط هڪ پگهار ۽ ٻيو انتظامي عهدي جي لاءِ رکي ڇڏيا ڇاڪاڻ جو اهي ٻئي شرط مان پنهنجي تجربي آڌار رکيا. هن ها ڪئي ۽ چيو ته، “مان ڪوشش ڪندس پر پگهار لاءِ توهان به ڪجهه گنجائش ڪڍو جيتري قدر انتظامي ذميداري جي ڳالهه آهي ته اهو به ٿي ويندو ڇاڪاڻ جو اسڪول جا ڪجهه استاد سيبا ٽيسٽ (سکر آئي بي اي يونيورسٽي) سبب پي ايس ٽيز ۽ جي اي يس ٽيز ٿي ويا آهن سو گهڻو امڪان آهي ته اهي اسڪول کي ڇڏي وڃن؛ سو توهان جو ڪم ٿي ويندو. هڪ ٻي گذراش ته ڇا توهان فسٽ ايئر ڪلاس کي انگلش پڙهائي سگهو ٿا. مون هام هنئي ته، ها. اهڙي طرح پاڙيسري مونکان هن اميد تي موڪلائي ويو ته مان هن کي مايوس نه ڪندس. هي ڳالهيون آهن جونِ مهيني جون، ۽ گرمي جي ڊگهين موڪلن (جون جولاءِ) سبب سنڌ ۾ ڪابه تعليمي سرگرمي وغيره ڪونه ٿي رهي هئي.جولاءِ ۽ آگسٽ ۾، پوري ملڪ سان گڏ سنڌ ۾ به برساتون پيون ۽ اهڙيون پيون جو سڄي ملڪ جو پاڻي سفر ڪري سنڌ اچي پهتو جنهن سبب سنڌ ٻڏي؛ اسان جو شهر ٻڏو؛ شهري دربدر ٿيا. شهر آگسٽ ۽ سيپٽمبر، ٻه مهينا مڪمل طور تي ٻوڏ جي حوالي رهيو پر جڏهن آڪٽوبر شروع ٿيو ته حڪومتي مشينريءَ، ڪجهه عوامي دٻاءُ سبب ته ڪجهه سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾، شهر مان پاڻي ڪڍڻ جا سانباها ڪيا. پاڻي لهڻ شروع ٿيو ته شهر پنهنجي معمول ڏانهن موٽڻ لڳو.

دربدر ٿيل ماڻهو واپس پنهنجي گهرن ڏانهن اچڻ لڳا. بند خانگي اسڪول به سنبت ڪرڻ لڳا ته مسلسل پنج مهينا (جون کان آڪٽوبر) اسڪول بند رهڻ سبب ڪوشش ڪري، ڪيئن به ڪري پهرين نومبر کان پڙهائي جو باقائدا آغاز ڪجي ۽ شهر جي گهڻن اسڪولن ايئن ڪيو به آهي جن ۾ اهو اسڪول به شامل آهي جنهن سان مان به پهرين نومبر کان نائين ڏهين درجي لاءِ بطور انگلش ٽيچر جي جڙي چڪو آهيان. اسڪول سان جڙڻ جي ڪهاڻي جي پويان جيڪڏهن منهنجي پاڙيسري جو هٿ آهي ته ان جي پويان اسڪول اتنظاميا جون اهي ڪوششون به شامل آهن جيڪي ڪيڏي مهل منهنجي وڏي ڀاءُ جي، ته ڪيڏي مهل ننڍپڻ جي دوست جي ۽ آخر ۾ منهنجي ننڍي ڀاءُ جي معرفت مون تائين پهچنديون رهيون ته مان اسڪول سان جڙان. خير اسڪول سان جڙڻ بعد جڏهن مونکي هنن درجن جي انگريزي جي ڪتابن جي مطالعي مان گذرڻو پيو ته ڪتابن جي مواد، ان جي ترتيب ۽ ڪجهه بين الاقوامي طرز تي يعني شين جو ڇيد ڪرڻ، تجزيو ڪرڻ، ذهن کي استعمال ڪرڻ ۽ وڏي ڳالهه ته استاد جي ڪردار “چاڪ ۽ ٽاڪ” واري پڙهائڻ واري طريقي کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ جي ۽ شاگرد کي هر مشق پاڻ ڪرڻ واري حساب سان ڪتاب کي تيار ته ڪيو ويو آهي پر ان جي ڇپائي روايتي، ڪاغذ سادو ۾ سادو، جلدسازي غير معياري ۽ ڪتاب تصوير سازي (السٽريشن) کان بلڪل ئي خالي نظر آيو. جڏهن ته اسڪولي ڪتاب هجن يا ڪاليج يا يونيورسٽين جا ڪتاب، هن ڪتاب کي جنهن لاءِ دعوى ڪئي پئي وڃي ته سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ، ڄامشورو پاران ڇپايل هر ڪلاس جا نوان ڪتاب بين القوامي معيار کي سامهون رکي تيار ڪيا ويا آهن. ڪتابن کي ڏسي محسوس ٿئي ٿو اها دعوى ئي غلط آهي.

ڪتاب جو مواد اهوئي پراڻو ۽ ساڳيو آهي يعني هنر (اِسِڪلِز) سيکارڻ جي بدلي گهڻو زور وري به نصيحتن تي ڏنو ويو آهي بلڪل ايئن جيئن ماضي ۾ هوندو هو. جڏهن ته دنيا نه صرف بدلجي چڪي آهي پر اسان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي. اسان جو تعليمي نظام اڄ به نقل سازي جو شڪار آهي ۽ ڪابه نئين تحقيق چاهي پوءِ اها مقامي سطح تي هجي يا بين الاقوامي سطح ٿيل هجي ۽ جنهن جي بنياد تي نصاب کي تيار ڪيو وڃي؛ افسوس اسان اڄ به پنهنجي نسل سان زيادتي ڪري رهيا آهيون. اسان جا وڏڙا به نصيحتون پڙهي وڏا ٿيا، اسان به نصيحتون پڙهي وڏا ٿياسين ۽ اسان جي نسل کي به نصيحتون پيون پڙهايون وڃن جڏهن ته پاڪستان ۾ ڪجهه اهڙا اسڪول سسٽمز به آهن جيڪي واقعي بين الاقومي معيارن جي پيروي ڪن ٿا. پنهنجي ڪورس ڪتابن کي بين الاقومي مارڪيٽ مان کڻن ٿا، تحقيق جي بنياد تي پنهنجي اسڪول جي ماحول، انتظامي ڪمن ڪارين ۽ پاليسين کي تيار ڪن ٿا ۽ ٻارن کي ايندڙ وقت جي دڙڪن (چئلنجز) سان منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪن ٿا پر اسان جي وفاقي ۽ صوبائي سرڪارون اڄ به کوهه جي ڏيڏر وانگي “دنيا ته بس کوهه ۾ آهي” جي ڪار وانگي ٽي نسل ته تباهه ڪري چڪيون آهن ۽ شايد اسان جي ايندڙ نسلن کي به تباهه ڪرڻ جا جتن ڪيا پيا وڃن. ٻين ڪتابن جو ڇا حال هوندو؟ پر گهٽ ۾ گهٽ انگريزي جا هي ٻئي ڪتاب ڪنهن به حوالي سان بين الاقوامي معيار جا ڪتاب نٿا لڳن. ها بين الاقومي معيار سان ڌوڪو ڪرڻ ضرور لڳن ٿا. بلڪل ايئن جيئن ووٽ وٺي عوام ۽ شهرن کي ٻوڙائي ڌوڪو ڪيو وڃي ٿو. ٻيو وري جنهن نالي ماتر بين الاقوامي معيار جي حساب سان ڪتاب تيار ڪيا ويا آهن ڇا اسان وٽ ڪلاس رومز جو بندوبست به ان معيار وارو آهي؟ هنن ڪتابن کي پڙهائڻ لاءِ اسان کي ڪلاس رومز به اهڙا گهرجن جيئن ٽريننگ هال هوندا آهن. ڇاڪاڻ جو ڪتابن جون مشقون سرگرمي واريون آهن. سرگرمي ڪرائڻ لاءِ نه اسان وٽ اهڙا استاد آهن نه ڪلاس رومز ۽ نه ئي سامان سڙو ته پوءِ هن کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ظلم ٿيندو، ڇاڪاڻ جو گهربل شين جي اڻ هوند سبب ڪتابن جو مقصد ئي فوت ٿي ٿو وڃي. ها هن ڳالهه کي ضرور مڃڻ گهرجي ته ڪتاب جي مشقن جي حوالي سان اڳ جي ڀيٽ ۾ تبديلي بهترين آهي.