نئون ڳوٺ (ن پ ا) نئون ڳوٺ باءِ پاس روڊ تي واپاري منير احمد سيال جي ڀانڊي مان چور ڏيڍ لک ماليت جون 40 ڪٽيءَ جون ٻوريون چوري ڪري ويا،جڏهن ته درگاھ سعدي موساڻي تي چور ميرپور ماٿيلي کان آيل زيارتي رسول بخش چوھاڻ نلڪي تي ڪپڙا لاھي وھنجي رھيو ھو ته 3 لک روپيا موبائيل فون قميس سميت کڻي ڀڄي ويو متاثر ڌرين نئون ڳوٺ ٿاڻي تي دانھن ڏني پر پوليس ڪي به قدم نه کڻي سگهي آهي.