نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ جي شاخن ۾ پاڻي ورڇ ۾ بدانتظامي خلاف نارا ڪئنال ٽيل آبادگار ايسوسيئيشن جي اڳوڻن ارباب انور جبار ۽ زاھد نون پاران نئون ڪوٽ پريس ڪلب تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊائريڪٽر نارا ڪئنال جي خاطري باوجود سب ڊويزن نئون ڪوٽ جو ايس ڊي او هفتي جي روٽيشن جو پاڻي موجود هوندي ايڪويهون پاڻي هلائي رهيو آهي، ايس ڊي او ايريگيشن وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪري ڇهه ماهي پاڻي جو سودا ڪري شاخن ۽  مين ڪئنال جا واٽر وڪڻي ڇڏيا آهن، جنهن جي ڪري پڇڙين ۾ پاڻي اڻلڀ ٿي ويو آهي، هنن چيو ته آبادگارن کي اگر پاڻي هفتي تي ملي ٿو ته ايريگيشن عملدارن کي پئسا نٿا ملن، جنهن جي ڪري ايڪويهون پاڻي ڏئي آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن، شير شاخ، اڪوٽا، ڌڙيلو، سلور، بلالاڻي شاخن کي جيڪڏهن پنهنجي ٽائيم مطابق ستن ڏينهن تي پاڻي نه مليو ته اڱاري جي ڏينهن ميرپورخاص ۾ وڏو احتجاج ڪيو ويندو، هنن چيو ته مٺڙائو واهه سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ناراڪئنال ۾ 11200 ڪيوسڪ پاڻي هجڻ باوجود مٺڙائو ۾ پاڻي جي لاٿ ڪئي وئي آهي، ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ۽ انجنيئر مٺڙائو جا هٿ صاف آهن، اڄ جو اڄ هفتي وارو روٽيشن پلان انائونس ڪري پنهنجي واعدي تي پورا لهڻ جي صورت ۾ڪيل واعدي موجب پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏين، هنن چيو ته آبپاشي ايس ڊي او سب ڊويزن نئون ڪوٽ پاڻي وکر جيان وڪرو ڪري رهيو آهي. جيڪو ڪنهن به صورت م برداشت نه ڪبو دڙيلي کان وٺي رڻ شاخ جي پڇڙي تائين واٽر ڪورس چيڪ ڪنداسين، جنگي حالات هوندي به پاڻيءَ لاءِ اسان جي جنگ جاري رهندي، آبپاشي ايس ڊي او نئون ڪوٽ سسٽم ۾ پاڻي هجن جي باوجود پاڻي پورو نه پيو ڪري سگهي ته ان کي هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، جيئن پڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي پهچي سگهي..