نئون ڪوٽ (ن پ ا) هر سال جيان هن سال به محرالحرام جي سلسلي ۾ جلوس آغاز محرم ۽ مجلس عزا منعقد ڪئي وئي، جنهن کي علامه مشتاق مفڪري خطاب ڪندي اسلام جي سر بلندي لاءِ ڏنل لازوال قرباني تي روشني وڌي جنهن بعد رهائش گاهه محمد اسحاق ڪنڀار کان الم عباس جو جلوس برآمد ٿيو جنهن ۾ سنڌ جون مشهور معروف انجمنن نوحا خاني ۽ سينه زني ڪئي جلوس پنهنجي مقرر رستن کان ٿيندي مرڪزي الحسيني امام بارگاهه تي اختتام پذير ٿيو.