نئون ڪوٽ (رپورٽر) نئون ڪوٽ جي گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي ۽ سائنسي ميلو  منعقد ڪيو ويو، اسڪول جي شاگردياڻين پاران مختلف ماڊل پيش ڪيا ۽ ثقافتي اسٽال پڻ لڳايا ويا، ثقافتي ميلي ۾ شاگردياڻين پاران سنڌي گيتن تي رقص ۽ ٽيبلوز پيش ڪري داد حاصل ڪيو، شاگردياڻين چيو ته اسان هر سال اسڪول ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهائي ڏاڍيون خوش ٿينديون آهيون، ان موقعي تي اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي الڪا ٻائي ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جام خوش آهيون جو پهريون ڀيرو شاندار ثقافتي ۽ سائنسي نمائش لڳائڻ جو اعزاز حاصل ٿيو آهي،  هنن چيو ته هن نمائش ۾ شاگردياڻين پاران جنهن ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ويو ان مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان جي شاگردياڻين ۾ تمام گهڻي صلاحيت آهي.