نئون ڪوٽ(ن پ ا) نئون ڪوٽ جي ٻاويھ ميل موري تي پاڻي جي کوٽ خلاف رڻ شاخ جي آبادگارن پاران ٽين ڏينهن به آبپاشي عملي کي جاڳائڻ لاءِ رڍن اڳيان بين وڄائي انوکو احتجاج ڪيو، ان موقعي تي آبادگارن عثمان هالو، ربنواز نهڙيو، موسي احمداڻي، بابو لنڊ ۽ ٻين چيو ته آبپاشي عملدار ۽ وقت جا حڪمران انڌا ٻوڙا ۽ گونگا بڻجي ويا آهن جنهن کي پاڻي جي کوٽ ۽ سڪي ويل فصل نظر نٿو اچي، اسان وٽ رڻ شاخ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته آبپاشي عملدار مبينا رشوت عيوض اسان جي حصي جو پاڻي وڪڻي پنهنجي ڪک سائي ڪري رهيا آهن، اسان پاڻي کوٽ خلاف ڪيترن ئي  ڏينهن کان روڊن تي آهيون پر ڪير به اسان جي دانهن ڪوڪ نٿو سڻي آبادگارن آبپاشي وزير  کان مطالبو ڪيو ته پاڻي کوٽ واري معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.