نئون ڪوٽ(رپورٽر) نئون ڪوٽ ميرپورخاص مين روڊ تي روشن آباد اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڪار ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي کاهي ۾ڪري پئي نتيجي ۾ديون جي جهنگ ۾ڪاٺيون ڪندڙ 15 ورهين معصوم ڪيلاش پٽ ڀيمجي ڪولهي ڪار هيٺيان اچي دٻجي فوت ٿي ويو علائقي واسين فوتي جو لاش رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو هوڏانهن نئونڪوٽ پوليس ڪار ۽ڊرائيور کي پنهجي تحويل ۾وٺي ٿاڻي کڻي آئي جڏهن ته ڪار ۾سوار ماڻهون معجزاتي طور محفوظ رهيا آهن هوڏانهن پوليس جو چوڻ آهي ته فوتي جا وارث ڪيس داخل ڪرائڻ ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.