نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙي) نئين ڪوٽ ڀرسان، گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي پرائمري ماستر قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، نئين ڪوٽ ڀرسانڳوٺ فوٽو ڀيل ۾ چانڊيا ۽ ڀيل برادري جي هلندڙ پراڻي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو جنهن جوابدارن گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي پرائمري ماستر سومرو ڀيل کي قتل ڪري ڇڏيو، مقتول نوجوان جي وارثن ۽ پٽ سورج ڀيل موجب ڳوٺ جنھاڻ جوڻيجو وٽ چانڊيا برادري جي ماڻهن پاران پيپلزپارٽي منارٽي ونگ ٿرپارڪر جي جنرل سيڪريٽري ۽ پرائمري استاد سومرو ڀيل تي حملو ڪيو. حملي دوران کيس گوليون ۽ ڪهاڙيون هڻي سخت زخمي ڪيو ويو، جنهن کي زخمي حالت نئين ڪوٽ مان طبي مدد بعد مٺي اسپتال منتقل ڪيو پئي ويو ته هن زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جو مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٿرپارڪر ضلعي جي وڄوٽو پوليس موجب ڀيل برادري ۽ چانڊيا برادري وچ ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ هو، جنهن تان جهيڙو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ چانڊيا برادري جي ماڻهن ڪھاڙين جا واري ڪري پرائمري ماستر سومرو ڀيل کي زخمي ڪيو هو، جيڪو مٺي اسپتال نيندي رستي ۾ فوت ٿي ويو، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن ۽ جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. جڏهن ته قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڀيل برادري جي ماڻهن نئون ڪوٽ قلعي ڀرسان ڌرڻو هڻي مٺي روڊ بند ڪري ڇڏيو ، ٻئي پاشي پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ٿرپارڪر ڪامريڊ نندلال مالهي پاران مينارٽي ونگ جي ضلعي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري سومرو ڀيل جي قتل واري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.