نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ لڳ هاڪڙي درياءُ جي ڪپ تي ايڪتا محفل، قومي گيتن تي رقص، سوشل ورڪرن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا خبر موجب ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار پاران پهرين ڊسمبر تي “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي سري هيٺ اعلانيل ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي ڀرسان هاڪڙي درياھ جي کاٻي ڪپ تي ايڪتا جي رنگا رنگ تقريب منعد ڪري قومي گيتن تي رقص ڪيو ويو، سماجي اڳواڻ سعيد خان چانڊيو جي ميزباني هيٺ ڪوٺايل تقريب ۾ ڪرشن شرما، ممتاز قاسماڻي اوٺو، نسرين ڪلوئي ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافتون قومن جي سر جو جهومر هونديون آهن، ثقافت سان سنڌ جو ماڻهو بي انتها پيار ڪري ٿو، سٺي ڳالهه اها آهي ته ٽائيم نيور ۽ پنهنجي اخبار جي سرواڻ علي قاضي پنهنجي دور ۾ سنڌ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني آهي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي، پروگرام جي آخر ۾ ٻوڏ متاثرن جي خدمت ڪندڙ سماجي اڳواڻن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.