نئون ڪوٽ(ن پ ا) نئون ڪوٽ جي  22 ميل موري وٽ ننگرپارڪر ويندڙ سوزڪي اونڌي، گيس سيلينڊر مان باهه وڪوڙي وئي، گاڏي سڙي تباهه خبر موجب نئون ڪوٽ ڀرسان 22 ميل موري وٽ مٺي روڊ تي تيز رفتار سوزڪي ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب اونڌي ٿي پئي، جنهن دوران سوزڪي کي باهه وڪوڙي وئي، باهه سبب سوزڪي مڪمل سڙي رک ٿي وئي، گاڏي ۾ ڪولهي برادري سان تعلق رکندڙ عورتن ٻارڙن سميت 30 کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا، جيڪي معجزاڻي طور محفوظ رهيا،ڪولهي برادري سان تعلق رکندڙ ماڻهو سوزڪي گاڏي ۾ ننگرپارڪر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، فائر برگيڊ عملو نه پهچڻ ڪري گاڏي سڙي رک ٿي وئي، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي ضابطو آندو.