نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيارعلي نهڙيو ) نئون ڪوٽ ڀرسان ايريگيشن انتظاميا جي نئون ڪوٽ سب ڊويزن جي مين برانچ، رڻ شاخ ۽ ڍورو مائينر تان انڪروچمينٽ هٽائڻ ۾ ناڪامي سبب علائقي واسي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ لڳا، ان ڏس ۾ مقامي رهواسين محمد موسي احمداڻي، عثمان هالو، ربنواز نھڙيو، رحمان ريگستاني ۽ ٻين ٻڌايو ته ايريگيشن عملدارن جي مبينا ملي ڀڳت سان قبضاگيرن ٻاويهه ميل موري، سڃي موري، رحمان آباد اسٽاپن تي شاخن جي ڪپن تي هوٽلون، هٽ، ڪئبينون، مرغي جا دڪان ۽ مال جا واڙا  قائم ڪري ڇڏيا آهن، انهن دڪانن مان نڪرندڙ گند ڪچرو سڌو سنئون واهن، شاخن ۾ اڇلايو پيو وڃي، جنهن سبب شاخن ۾ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن، رهواسين ٻڌايو ته ايڪويهين ڏينهن کانپوءِ پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، جيڪو گندگي سبب زهريلو بڻجي ويندو آهي. اهڙو پاڻي واپرائڻ سبب ڳوٺاڻن ۾ گيسٽرو، چمڙي جي بيماريون ۽ ٻيون موذي بيماريون تيزي سان پکڙجي رهيون آهن، مقامي ماڻهن الزام هنيو ته ايريگيشن عملدار مبينا طور رشوت عيوض قبضاگيرن کي ڇوٽ ڏني آهي، هوڏانهن ايس ڊي او ايريگيشن ڪانتيش ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته انڪروچمينٽ بابت مون انجنيئر مٺڙائو ۽ انڪروچمينٽ اختيارين کي خط لڳي آگاه ڪيو آهي ته 70 کان وڌيڪ دڪان ٺاهيان ويا آهن، وڌيڪ به اسان تفصيل گڏ ڪري آبپاشي انجنيئر ۽ انڪروچمينٽ انتظاميا کي موڪلينداسين.