نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيار علي نهڙيو) سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي رڻ شاخ ۾ پاڻي چوري جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، پاڻي چوري جون ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون، وائرل ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته رڻ شاخ تي سرعام هيوي مشين ذريعي پاڻي چوري کنيو پيو وڃي،ان حوالي سان پوڇڙي جي آبادگارن محمد موسي احمداڻي عثمان هالو، رياض درس، علي بهادر لنڊ ٻين ٻڌايو ته رڻ شاخ جي پوڇڙي ۾ اسان پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهيون پر آبپاشي عملدارن رشوت عيوض شاخ مان سڌو سنئون لفٽ مشينون لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري آبادگار سرعام پاڻي چوري ڪري زمينون آباد ڪري رهيا آهن، جڏهن ته پوڇڙين ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب اسان سخت پريشان آهيون، هنن ٻڌايو ته آبپاشي عملدار مبينا رشوت عيوض پاڻي چوري جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد هاڻي ٻڏتر جو شڪار آهن ته ڪنهن کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي ڪيس داخل ڪري پنهنجي ساک بچائجي، هنن مطالبو ڪيو ته پاڻي چوري ۾ ملوث آبادگارن سميت آبپاشي عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ڊي او ايريگيشن ڪانتيش ڪمار ٻڌايو ته پاڻي چورن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي مون داروغي کي ليٽر ڏئي ٿاڻي موڪليو آهي ڪيس داخل ڪيو ويندو.