نئون ڪوٽ (ن پ ا) نئون ڪوٽ جي تاريخي قلعي ڀرسان  شادي رات لانئون لهڻ بعد گهوٽ پراسرار نموني گم ٿي ويو،ان حوالي سان گهوٽ جي والد ميوو ڀيل ٻڌايو ته نوجوان مگهن ڀيل جي شادي هڪ ڏينهن اڳ ڳوٺ راڄاري مان  ڪرائي، ڪنوار کي وٺي گهر اچڻ بعد گهوٽ دڪان تان سامان وٺي اچڻ جو چئي گهران نڪتو ته واپس نه موٽيو، جنهن جي جام ڳولا ڪئي آهي پر هن وقت تائين نوجوان جو پتو ناهي پيو، هنن چيو ته اسان کي شڪ آهي ته نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته اسان وڄوٽو ٿاڻي تي گهوٽ جي گمشدگي جو اطلاع ڏنو پڻ آهي، پر هن مهل تائين پتو ناهي پيو، هنن ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪيو ته گهوٽ جي ڳولا ۾  مدد ڪئي وڃي، هوڏانهن وڄوٽو پوليس موجب نوجوان جي وارثن پاران گهوٽ جي گمشدگي بابت اطلاع ڏنو آهي، جڏهن ته ڪو به وارث ٿاڻي تي ناهي آيو، جنهن جي ڪري اصل حقيقت معلوم ناهي ٿي سگهي، وڌيڪ معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪيون پيا.