اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهر واري ريحام خان هڪ دفعو ٻيهر وزيراعظم مٿان تنقيد ڪئي آهي. ريحام خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان کي تاريخ جو حصو قرار ڏيندي چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ اسان سڀني کي پنهنجو ڌيان نئين پاڪستان ۾ هنن جي پکڙيل گند کي صاف ڪرڻ تي ڏيڻ گهرجي.