استنبول (م ڊ) ترڪيه جي راڄڌاني انقره ۾ دهشتگرد حملي جي ڪوشش کي ناڪام بڻايو ويو. ميڊيا رپورٽس موجب انقره ۾ ترڪ پارليامينٽ جي عمارت جي ويجهو ڌماڪو ٿيو هو جنهن سبب ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڌماڪي کان پوءِ فائرنگ جا آواز به ٻڌا ويا. ان کان پوءِ ترڪيه جي گھرو وزير Ali Yerlikaya ٻڌايو ته گھرو وزارت جي عمارت جي در تي ٻه دهشتگرد هڪ گاڏي ۾ پهتا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته مقامي وقت موجب صبح جو ساڍي 9 وڳي اتي هڪ دهشتگرد پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. هن چيو ته ٻئي دهشتگرد فائرنگ ڪئي پر پوليس سان مقابلي ۾ مارجي ويو. هڪ ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن ترڪ پارليامينٽ جو اجلاس پهرين آڪٽوبر تي مقامي وقت موجب منجهند جو ٻه وڳي شيڊول هو. ان واقعي کان پوءِ انقرا ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي. اختيارين موجب واقعي کانپوءِ جاچ شروع ڪئي وئي اهي پر في الحال واضح ناهي ٿيو ته ان جي پٺيان ڪنهن جو هٿ آهي. ٻي پاسي انقره ڌماڪي جي وقت جي سي سي ٽي وي وڊيو به سامهون اچي وئي آهي. وڊيو ۾ ڌماڪي سان هوا ۾ دونهون ۽ باهه لڳڻ جا منظر ڏسي سگھجن ٿا. ڌماڪي سبب روڊن تي شهرين کي ڊپ وچان ڊوڙندي ڏسي سگھجي ٿو. حملي باوجود پارليامينٽ جو اجلاس ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي ترڪ صدر رجب طيب اردوان چيو ته ترڪيه کي يورپي يونين مان ڪي به اميدون ناهن. اڄ انقره ۾ دهشتگردي ڪندڙ ناڪام ٿي ويا، پوليس جي بروقت ڪارروائي سان حملو ڪندڙ مارجي ويو، شهر ۾ دهشتگردي جي اها آخري لهر آهي، ترڪيه دهشتگردي جي خلاف ڪوششون جاري رکندو، دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجن مقصدن ۾ ڪامياب نٿا ٿي سگھن. ترڪ صدر جو چوڻ هو ته پارلياماني سيشن لاءِ نئون آئين ترجيح آهي، ترڪيه مهانگائي خلاف ڪوششون جاري رکندو، ترڪيه جي ترقي لاءِ گھڻو ڪم ڪيو ويو آهي، هاڻي اسان اهڙي ملڪ ۾ نٿا رهون جتي پارليامان ختم ڪري بغاوت ڪئي وڃي، اسان جي ذميواري آهي ته شهري نئين آئين لاءِ ڪم ڪن. هن چيو ته يورپي يونين پنهنجون غلطيون خاص ڪري ويزا جي معاملن ۾ غلطيون درست نه ڪندو ته يورپي يونين اسان مان ڪنهن به قسم جي اميد جو حق وڃائي ويهندو. هن چيو ته اسين هاڻي اهو ملڪ ناهيون رهيا جتي پارليامينٽ ختم ڪري بغاوت ڪئي وڃي. هي دهشتگردي جي آخري لهر هئي، ترڪيه دهشتگردي خلاف ڪارروائيون جاري رکندو.