نئين سکر بيراج لاءِ اسٽڊي ڪرايو

0
161
نئين سکر بيراج لاءِ اسٽڊي ڪرايو

 سکر بيراج سنڌ لاءِ تمام اهم آهي. جيڪڏهن انهيءَ کي ڪو نقصان ٿيو ته بدين تائين سڄي ايراضي ۾ فصل تباهه ٿي ويندا. وچ وارين ايراضين کي ته ڇڏي ڏيو. سکر بيراج جي ٺهڻ کانپوءِ تقريبن 90 سال ٿي ويا آهن. انهيءَ تي آباد ٿيندڙ زمينون سنڌ جي ٻنهي بيراجن يعني گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراج کان وڌيڪ آهن. اسان ڪنهن به نموني ۾ انهي تي ڪو به نقصان برداشت نٿا ڪري سگهون ته هي بيراج Non-functional  ٿي وڃي. يعني سنڌ جي ايراضين کي پاڻي نه ڏئي سگهي. انهيءَ ۾ اڃا تائين جيڪي نقصان ٿيا آهن، انهن جو احوال هيٺ ڏجي ٿو:

1- ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ لٽ جو وڃڻ:

                 1932ع ۾ واهه هلڻ لڳا. تنهن کانپوءِ خبر پئي ته ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ تمام گهڻي لٽ پئي وئي ۽ جيڪڏهن انهن جو تدارڪ نه ڪيو ويو ته گهربل پاڻي واهن مان نه لنگهي سگهندو. انهيءَ جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ پونا ۾ تجربا (Model experiments) ڪيا ويا. انهن تجربن جي بنياد تي سفارش ڪئي وئي ته بيراج جا 10 دروازا بند ڪري هڪ ٻيٽ ٺاهيو وڃي. ٻيٽ جي ڪنڊ تي هڪڙي شاخ (Tail channel) ٺاهي وڃي ته جيئن گهڻي لٽ وارو پاڻي انهيءَ ۾ هليو وڃي ۽ گهٽ لٽ وارو پاڻي سڄي پاڪٽ ۾ اچي. اهو ڪم ڪرايو ويو ۽ واهن ۾ لٽ اچڻ گهٽجي وئي. پر بيراج جا ڏهه در بند ٿيڻ ڪري بيراج جي ٻوڏ پاس ڪرڻ واري صلاحيت گهٽجي وئي. اها صلاحيت پهرين 15 لک ڪيوسڪ هئي پر گهٽجي 9 لک ڪيوسڪ ٿي وئي. اهو ڪم انگريزن جي دور حڪومت ۾ 1943ع ۽ 1945ع وچ ۾ ٿيو. پر پوءِ 1976ع سال ۾ خبر پئي ته سکر بيراج مان 12 لک ڪيوسڪ پاڻي پاس ٿيو. بيراج لڏي ۽ ٻيا ڪافي نقصان ٿيا. پر تمام ڏکيائي ۽ چوڪسي سان اهو پاڻي پاس ڪيو ويو. سال 1976ع ۾ وري علي واهڻ ۾ کنڊ پيو. پر تنهن کانپوءِ بيراج جي پاڻي پاس ڪرڻ واري گنجائش 12 لک ڪيوسڪ مڃي وئي.

2- بيراج جي پلرن ۾ ڪريڪ جو پوڻ:

بيراج هلڻ کان 16 سال پوءِ يعني 1949ع ۾ بيراج جي ڪن پلرن ۾ ڪريڪ ظاهر ٿيا. انهيءَ کي ڏسڻ لاءِ بيراج ڊيزائن ڪرڻ واري انجنيئر سر آرنلڊ مسٽو کي گهرايو ويو. انهن ڪريڪن کي Under pressure Guniting ذريعي ڀريو ويو ۽ پلرن جا مٿيان پاسا Noses سيمينٽ ڪانڪريٽ سان مضبوط ڪيا ويا.

3- بيراج جي آرچن ۾ ڪريڪ جو ظاهر ٿيڻ:

1950ع ۾ بيراج جي آرچن ۾ ڪريڪ ظاهر ٿيا. اهي Guniting ذريعي ڀريا ويا. سال 1956ع ۾ اهي ڪريڪ ٺيڪ ٿيڻ بعد وري ظاهر ٿيا. ڪوشش ڪئي وئي ته جنهن انگريز ڪمپني اهي ٺيڪ ڪيا هئا اهي وري درست ڪرايا وڃن. پر انهن منهن نه ڏنو. 1964ع ۾ هڪ مٿين سطح واري فني ڪاميٽي جوڙي وئي. اهو ڪم وري سال 1984ع کان 1986ع واري وقت ۾ پورو ڪيو ويو. هاڻي اٽڪل 20 سال گذرڻ کانپوءِ انهن کي وري ڀرڻ جي ضرورت آهي.

4- سکر بيراج جي دَرَ جو ڪرڻ:

1982ع ۾ سکر بيراج جو 31 نمبر در اوچتو ڪري پيو. انهيءَ زماني ۾ سنڌ جو آبپاشي سيڪريٽري حاجي محمد ڏهر هو، جنهن هنگامي بنيادن تي ڏهه بند ٿيل درن مان هڪڙو در کولائي نقصان ٿيل در جي جاءِ تي لڳرايو ۽ بيراج کي هلڻ جهڙو ڪيو. پر اهو محسوس ڪيو ويو ته ٻين درن جي حالت به ٺيڪ نه هئي ۽ اهو ڪم سال 1995ع ۾ پورو ٿيو. يعني بيراج جا سڀ در ۽ ريگيوليٽرن جا سڀ در مٽايا ويا. وري اهو ٻڌائيندو هلان ته 31 نمبر گيٽ جو ٽٽڻ انهيءَ وقت ٿيو ته اسان بيراج جي گولڊن جوبلي پيا ملهايون.

5- ساڄي پاڪٽ ۾ کڏو:

سال 2004ع جي جنوري واري بندي ۾ بيراج جي مٿين ڀر ساڄي پاڪٽ ۾ کڏو پئجي ويو. جيڪو 60 فوٽ ڊگهو 40 فوٽ ويڪرو ۽ 9 فوٽ اونهو هو. انهيءَ وقت رڳو پٿرن سان ڀريو ويو ۽ انهيءَ کانپوءِ هڪ اسڪيم منظور ڪرائي وئي، جنهن ۾ 15 ڪروڙ رپيا سنڌ گورنمينٽ اٽڪل 74 ڪروڙ رپيا وفاقي حڪومت جا هئا. انهيءَ ۾ مالڪي سنڌ آبپاشي کاتي جي هڪڙي صلاح مصلحت عزم نيشنل ڊولپمينٽ ڪنسلٽنٽس جي ۽ نظرداري جي ايڇ ڪيو ۽ ٺيڪيداري فوج جي اداري FWO جي هوندي. پهرين ضرورت هئي ٻيٽ تي وڃڻ لاءِ پل ٺاهڻ جي. F.W.O وارا انهيءَ ڪم ۾ ماهر هئا. هنن هڪ ڏينهن ۾ ٻيڙين جي پل ٺاهي ڇڏي. مکيه ڪم پاڪٽ واري ايراضي جو خالي ڪري ڏيڻ هو ته نقصان ڇا ٿيو ۽ انهيءَ کي ٺيڪ ڪرڻو هو. انهيءَ لاءِ پاڪٽ ۾ مٿين ڀر، دادو ڪينال ۽ رائس ڪينال جي هيڊ ريگيوليٽرن وچ ۾ هڪڙو ڳنڍو (Coffer Dam) ۽ هيٺين روڊ واري پل کان هيٺ ٻيو ڳنڍو ڏيڻو هو. اهي ٻئي هنيا ويا. بيٺل پاڻي کي ڪڍڻ لاءِ 60 ٽيوب ويل هنيا ويا. انهن ٽيوب ويلن سان پاڻي جي ليول ڪنٽرول ڪئي وئي. دادو ڪينال کي پاڻي ڏيڻ لاءِ رائس ڪينال مان هڪ لنڪ ڪڍيو ويو ۽ انهيءَ کي انهي لنڪ ذريعي پاڻي ڏنو ويو. جڏهن پاڪٽ واري ايراضي خالي ٿي وئي ۽ پڪي فرش تائين ليول ڪيرائي وئي ته نقصانن جي جاچ ڪئي وئي. انهن جي جاچ جي نتيجي ۾ هيٺيان ڪم ضروري سمجهيا ويا:

* پاڪٽن مان لٽ ڪڍڻ

* مٿين ڀر واري شيٽ پائل، جيڪا ٽٽي پئي هئي، انهيءَ کان 45 فوٽ مٿي شيٽ پائل هڻڻ.

* انهن شيٽ پائلن وچ ۾ 4 فوٽ عميق ۽ پڪو فرش وجهڻ.

* مٿين شيٽ پائل کان مٿي 40 فوٽ ويڪر ۾ ڪانڪريٽ بلاڪ وجهڻ.

*انهن بلاڪن کان مٿي پٿر وجهڻ.

*پراڻي شيٽ پائل کان پلرن تائين پڪو فرش وجهڻ.

* دادو ڪينال جي فرش هيٺان خالن کي ڀرڻ.

* دادو ڪينال جي سامهون نئين شيٽ پائل هڻڻ.

* دادو ڪينال جي ڪريڪ ٿيل فرش کي ڊاهي نئون فرش وجهڻ.

* پلرن جي وچ ۾ پڪي فرش هيٺان خالن جو ڀرڻ.

* پهرين نمبر پلر ۽ ڪريڪ کي اپاڪسي سان ڀرڻ ۽ سيخون وجهي مضبوط ڪرڻ.

*سڀني کان هيٺين شيٽ پائل کان اٽڪل 6 فوٽ هيٺ نئين شيٽ پائل هڻڻ.

* هيٺين شيٽ پائل کان هيٺ فلٽر بلاڪ وجهڻ.

* فلٽر بلاڪن کان هيٺ پٿر وجهڻ.

الله جي فضل سان سڀ ڪم پورا ٿي ويا ۽ 30 اپريل 2004ع تي سول پاڪٽن مان لٽ ڪڍڻ جو ڪم F.W.O وارن پورو ڪيو. F.W.O وارا هليا ويا ۽ ڪنسلٽنٽس تنهن کانپوءِ  به رهيا. انهن جو مدو سال 2005ع تي پورو ٿيو.

وري اهو ٻڌائيندو هلان ته هي ڪم بشير احمد ڏهر جي وقت ۾ پورو ٿيو. بشير احمد ڏهر حاجي محمد ڏهر جو ننڍو ڀاءُ آهي ۽ هو هڪ ڪنسلٽنٽ جي فرم هلائي ٿو. خبر پئي ته سکر بيراج کي نقصانن کان بچائڻ لاءِ هيٺيان ڪم ڪيا ويا.

1.ساڄي ڪپ وارن واهن ۾ گهڻي لٽ جو وڃڻ.

  1. بيراج جي پلرن ۾ ڪريڪن جو پوڻ.
  2. بيراج جي آرچن ۾ ڪريڪن جو ظاهر ٿيڻ.
  3. گولڊن جوبلي ملهائڻ وارن ڏينهن ۾ سکر بيراج جي درن جو ڪرڻ.
  4. ساڄي پاڪٽ ۾ کڏي جو پوڻ.

هينئر پروپوزل آهي ته وري نوان در وجهڻ کپن. وري ساڄي پاسي پاڻي زور سان وهي ٿو. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته ساڌ ٻيلي جي سامهون هڪ رنڊڪ آهي، جيڪا دور ڪرڻ ممڪن ناهي. جو اتي روڊ هلي ٿو ۽ اهو دور ڪرڻ سان روڊ بند ٿي ويندو، جو جاءِ تمام سوڙهي آهي.

نئين فزيبلٽي ڪرائڻ جي ضرورت:

مان محسوس ٿو ڪيان ته سکر بيراج هڪ مکيه اسٽرڪچر آهي. جيڪو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڻي ڏئي ٿو. جي انهيءَ کي ڪو نقصان ٿيو ۽ سڄي سنڌ کي پاڻي ڏيندڙ بيراج کي ڪو نقصان ٿيو ۽ اهو بيراج سنڌ کي پاڻي نه ڏئي سگهيو ته سنڌ جي هارين نارين جو ڇا ٿيندو؟ اسان وٽ هن سال ٻوڏ واري صورتحال آهي. هن سال ٻوڏ ڪري پاڻي جام آهي. پر سکر بيراج کي نقصان ٿيڻ جي صورت ۾ پاڻي ئي نه هوندو. مان انهيءَ لاءِ چوان ٿو ته نئين سکر بيراج لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي ڪرايو. جي ايئن نه ڪيوسين ته سکر بيراج Non-functional ٿيڻ جي صورت ۾ اسان ڇا ڪنداسين!؟