واٽس ايپ نئين سال جي آجيان لاءِ خاص اسٽيڪرز، وڊيو ڪالنگ ايفيڪٽس ۽ ري ايڪشنز متعارف ڪرايا آهن، اهي فيچرز محدود مدت لاءِ واهپيدارن کي دستياب هوندا
20 ڊسمبر کان 3 جنوري تائين واهپيدارن کي خاص اسٽيڪرز، ويڊيو ايفڪٽس ۽ ري ايڪشنز تائين پهچ حاصل هوندي. فيچرز مقصد نئين سال کي ڀليڪار چوڻ دوران چيٽس ۽ ويڊيو ڪالز کي بهتر بڻائڻ آهي.

انهن مان هڪ فيچر نيوائير ڪالنگ ايفڪٽس جو آهي، جنهن جي ذريعي صارفين وڊيو ڪالز دوران پنهنجي بيڪ گرائونڊ، فلٽرز ۽ ايفيڪٽس کي نئين سال جي ٿيم موجب استعمال ڪري سگھندا. اهڙي طرح، واٽس ايپ جي ايموجي ري ايڪشنز ۾ به دلچسپ تبديليون ٿي رهيون آهن. واهپيدار جڏهن پيغامن تي مختلف پارٽي ايموجيز ري ايڪشنز استعمال ڪندا ته هڪ ڪنفٽي اينيميشن ٻنهي پاسي نظر ايندي.

واٽس ايپ طرفان هڪ نيو ايئر اسٽيڪر پيڪ پڻ متعارف ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته نئين سال جي مناسبت سان اواتار اسٽيڪرز پڻ دستياب هوندا. نون فيچرز کي استعمال ڪرڻ لاءِ، اوهان کي پنهنجو واٽس ايپ اپڊيٽ ڪرڻو پوندو، جنهن کانپوءِ ئي انهن تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي.