اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايچ اي) ملڪ جي مختلف موٽر ويز جي ٽول ٽيڪس ۾ واڌ ڪري ڇڏي. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ٽول ٽيڪس ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ٽول ٽيڪس جا نوان اگهه 5 جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندا. اين ايچ اي موجب اسلام آباد کان پشاور تائين ايم ون موٽر وي تي گاڏين جو ٽول ٽيڪس 460 رپين مان وڌائي 500 رپيا ڪيو ويو آهي. لاهور کان عبدالحڪيم ويندڙ ايم 3 موٽر وي تي گاڏي جو ٽول ٽيڪس 650 رپين مان وڌائي 700 رپيا ڪيو ويو آهي. پنڊي ڀٽيان کان فيصل آباد ۽ ملتان ويندڙ ايم 4 موٽر وي تي گاڏين جو ٽول ٽيڪس 850 رپين مان وڌائي 950 رپيا ڪيو ويو آهي. ايم 5 موٽر وي تي سکر کان ملتان تائين گاڏين جو ٽول ٽيڪس 1050 مان وڌائي 1150 رپيا ڪيو ويو آهي. ڊي آءِ خان کان هيڪلا موٽر وي ايم 14 تي ٽول ٽيڪس وڌائي 600 رپيا ٿي ويو، اين ايڇ اي موجب ٽول ٽيڪس جا نوان اگهه 5 جنوري 2025 کان لاڳو ٿيندا. واضح رهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايچ اي) 7 مهينن ۾ نيشنل هاءِ ويز ۽ موٽر ويز تي ٽول ٽيڪس ۾ ٽيون واڌ جو اعلان ڪيو آهي. تازي اضافي بعد 7 مهينن ۾ ٽول ٽيڪس جي شرح ٻيڻ کان وڌي وئي آهي.