نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ۾سال جي پهرين ڏينهن 6 کان وڌيڪ هٿياربند ڦورن ڀٽي لاڙي وٽ سکر_لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري سبزي کڻي ايندڙ وين کي روڪي روڪي مسافرن کي يرغمال بڻائي ورتو. هٿياربند ڦورن سبزي فروش گل حسن لاشاري کان 3 هزار، 5 سئو روڪ رقم، پورهيت دودي کوکر کان 55 هزار روڪ، موبائل فونو ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته فائرنگ دوران مسافر امير بخش جوڻيجو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف متاثرن پورهيت دودو کوکر، گل حسن لاشاري ۽ ٻين واقعي خلاف احتجاج ڪيو.