نئون ديرو(ن پ ا) شهدادڪوٽ جي غريب آباد پاڙي جي رهواسين طرفان بدفعلي واقعي ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف نئون ديرو پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج ڪندڙن منير احمد ميراڻي متاثر پٽ سمير ۽ ڀاءُ گل حسن سان گڏجي دانهيندي چيو ته بااثر جوابدار منهنجي پٽ کي نشو ڏئي کنڀي کڻي ويا. ٻنهي جوابدارن پٽ کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي زبردستي بدفعلي جو نشانو بڻايو، 7 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس  جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو، جوابدارن جي گرفتاري بدران پوليس اسان کي خاموش رهڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.