نئون ديرو(ن پ ا) پاڪستان ٽريڊ ورڪرز يونين پاران نئون ديرو اسٽيڊيم ۾ مالهپ ڪندڙ مزدورن وچ ۾ وزن کڻي ڊوڙ جا مقابلا ڪرايا ويا. 100 ڪلو وزني ٻوري پٺيءَ تي کڻي ڊوڙ واري مقابلي ۾ ٽوٽل 6 مزدورن حصو ورتو جنهن ۾ عمران علي راهوجو، سلمان سولنگي، اقبال شيخ، جاويد شيخ، منصور شيخ ۽ سانول ڀٽو ۾ مقابلو ٿيو جنهن ۾ سانول ڀٽو 100 ڪلو وزني ٻوري کڻي 200 ميٽر جو مفاصلو 2 منٽ 9 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي جڏهن ته سلمان سولنگي 2 منٽ 14 سيڪنڊن ۾ ساڳيو مفاصلو طئي ڪري ٻي پوزيشن ماڻي سگهيو جڏهن ته اقبال شيخ 2 منٽ 23 سيڪنڊن ۾ مفاصلو پورو ڪري ٽئين نمبر تي رهيو.