نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو ۾ 27 ڏينهن اڳ قٿل ٿيل واپاري سنتوش ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي. شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري تنظيمن پاران سمورو شهر بند رکي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي آهي. هڙتال سبب شهر جا الله وارو چوڪ، پنج گلي چوڪ، صدر چوڪ، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو روڊ، شاهي بازار، ريشم بازار، صرافه بازار، ڪريانه، جنرل اسٽورز، موبائل مارڪيٽ ۽ ٻيا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا . اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۾ هٿياربند ڏوهارين سرعام واپاري سنتوش ڪمار کي قتل ڪري دهشتگردي ڦهلائي پر افسوس جو قاتلن جي گرفتارين جون فقط خاطريون ملنديون رهيون ۽ قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. 27 ڏينهن واقعي کي گذري ويا آهن پر هن وقت تائين قتل ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. آءِ جي سنڌ توڙي حڪومت جي نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جي ڪارڪردگي زيرو تي بيٺل آهي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ ڪو هڪ به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو. هنن مطالبو ڪيو ته سنتوش ڪمار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن شٽر بند هڙتال بعد اي ايس پي لاڙڪاڻو عبدالله ۽ ڊي ايس پي نئون ديرو فهد ارشد مغل نئون ديرو پهچي ويا، جتي هنن شهري ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن ۽ مقتول جي وارثن سان ملاقات ڪري قاتلن جي گرفتاري لاءِ خاطري ڪرائيندي وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت گهري ورتي. اهڙي خاطري بعد شهري ايڪشن ڪاميٽي نئون ديرو ٿاڻي آڏو اعلانيل احتجاجي ڌرڻي جو سڏ واپس وٺي ڇڏيو ۽ پوليس کي وڌيڪ ٻن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي.