نئون ديرو(ن پ ا) نئون ديرو جي ماهر تعليمدان، سياسي ۽ سماجي شخصيت سينيئر استاد محمد بخش ڪٽپر جي ياد نئون ديرو جي ٻالڪ پارڪ ۾ ٽن ڏينهن لاءِ اٺون ڪتابي ميلو لڳايو ويو، ڪتابي ميلي جو افتتاح ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي چيئرمين اعجاز احمد لغاري، وائيس چيئرمين اسد الله ڀٽو، ميونسپل چيئرمين عبدالخالق ڀٽو، عزيز احمد ڪٽپر، سڪندر ڀٽي، منصور سومرو، خليل احمد ڪٽپر، بشير احمد ڪٽپر، ايڊوڪيٽ الله ڏنو ڀٽو، زاهد جلباڻي، لالا نظر پٺاڻ ۽ ٻين افتتاح ڪيو. جنهن بعد هنن ڪتابي ميلو گهمي ڪتابن جي خريداري پڻ ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ڪتابي ميلو لڳائڻ سان اسان جي نوجوان نسل ۽ شاگردن ۾ تعليم طرف رجحان پيدا ٿئي ٿو ۽ هو رعايتي اگهن تي ڪتاب خريد ڪن ٿا جنهن سان نه صرف انهن جون تعليمي صلاحيتون اجاگر ٿين ٿيون پر هو مقابلي جي امتحانن ۾ حصو وٺي ملڪ ۽ قوم جو نالو پڻ روشن ڪن ٿا. ڪتابي ميلي ۾ علم، ادب، سياست، شاعري، ناول، ايم ڊي اي ڪيٽ، انگريزي، سنڌي، اردو، تاريخ، جاگرافي سميت ٻاراڻي ادب جا به ڪتاب شامل هئا.