نئون ديرو (رپورٽ: نورمحمد سومرو) نئون ديرو ڀرسان ڀرچونڊ ڳوٺ ۾ چنا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران زاهد حسين چنو بيهوش ٿي ڪري پيو، رڙين تي ڇڏائڻ آيل 55 ورهين جي عورت حسنه خاتون ڌڪ لڳڻ سبب قتل ٿي وئي، عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس فوتگي جي تصديق ڪئي وئي، عورت جي پٽ فدا حسين چنو ٻڌايو ته ڳوٺ باغ گوپانگ ۾ پنهنجي ئي ذات جي ماڻهن ۾ اسان جي ڀيڻ پرڻيل آهي، جتان ڀاڻيجي اسان جي گهر گهمڻ لاءِ آئي، ته جوابدار هٿيار ۽ ڏنڊا کڻي آيا ۽ اسان جي گهر ۾ گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي جوابدارن اسان مٿان تشدد ڪيو، ڌمڪيون ڏنيون ته نينگري اسان جي حوالي ڪيو، جھيڙي دوران ڌڪ لڳڻ سبب ڀاءُ زاهد چنو بيهوش ٿي ويو، دانهن تي امڙ حسنه خاتون ڇڏائڻ جي لاءِ آئي ته جوابدارن کيس مٿي ۾ ڌڪ هنيو، امڙ بجلي جي پول سان ٽڪرائجي دم ڏئي ڇڏيو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي، ٻي طرف اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر موجب ته عورت جو موت مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٿيو آهي، ٻي طرف ايس ايڇ او نئون ديرو شاهد ميمڻ ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم جي رپورٽ موجب عورت جو جهيڙي دوران ڌڪ لڳڻ سبب موت ٿيو آهي. وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو.