نئون ديرو (ن پ ا) نئين ديري ڀرسان ڳوٺ پاڳارو ڀٽو جو رهواسي 12 ورهين جو محمد عمر پٽ اياز ڀٽو وهنجڻ دوران بجلي جي ڪرنٽ لڳڻ سبب بيهوش ٿي ڪري پيو، نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ وارث اسپتال کڻائي اچي رهيا هئا ته رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو. نينگر جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث گهر کڻائي ويا. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.