لاڙڪاڻو/نئون ديرو/رتوديرو(نمائندن وٽان) لاڙڪاڻي ڀرسان نئون ديرو ٿاڻي جي حد باءِ پاس واري علائقي ۾ ٻن جوابدارن جي مارجي وڃڻ وارو معاملي کانپوءِ پوليس سندن ڏوهي رڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو، مقابلي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ صدام ولد الھ ڏنو جلباڻي ۽ واجد عرف واجو ولد حاڪم علي جلباڻي طور ڪئي وئي آهي. پوليس موجب مارجي ويل جوابدار انتهائي گهربل هئا، جيڪي نئوديرو ۾ هندو نوجوان سنتوش ڪمار ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ سنجي ڪمار جي قتل، رونق ڪمار تي حملي، حيدري ٿاڻي جي حد مان خانگي ڪوريئڙي ڪمپني جي آفيس ۾ لڳل ڌاڙي ۽ سچل ٿاڻي جي حد ۾ پيٽرول پمپ ڌاڙي ۽ ڪيترين ئي موٽر سائيڪلون، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر جي وارداتن ۾ ملوث هئا.پوليس مارجي ويل ٻنهي جوابدارن جا لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال آندا ويا. جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. جڏهن ته نئون ديرو ٿاڻي تي ايس ايڇ او نئون ديرو سجاد ڀٽي جي فرياد تي نئون ديرو ٿاڻي تي گناهه نمبر 24/2025 قلم 324، 353، 148، 149، 427 پي پي سي 7/6 دهشتگردي ايڪٽ تحت مارجي ويل صدام جلباڻي، واجد جلباڻي، اوشاق جلباڻي، ديدار عرف شاڪا لغاري، عارف لغاري ۽ هڪ اڻ سڃاتل سميت 6 جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آهي. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اسان باب ذوالفقار کان معمول موجب گشت ڪري رهيا هئاسين ته شگر مل باءِ پاس موڙ وٽ ڏوهارين پوليس کي ايندو ڏسي فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار واجد عرف وجاهت ۽ صدام جلباڻي مارجي ويا، جڏهن ته سندن 4 ساٿي فرار ٿي ويا، مارجي ويلن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف، 2 پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. ٻي طرفن مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل رتوديرو ڀرسان ڳوٺ پير بخش جلباڻي جي رهواسي 2 جوابدارن وجاهت ۽ صدام حسين جلباڻي جي وارثن اوشاق ، بابن ، امداد ، خدا بخش جلباڻي ۽ ٻين واقعي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته لاڙڪاڻو پوليس 4 ڏينهن اڳ وجاهت ۽ صدام حسين کي زبردستي گهرن مان کڻي وئي هئي، جن کي ڪوڙو پوليس مقابلو ڏيکاري ماريو ويو آهي، پوليس اسان جي مارجي ويل همراهن مٿان جيڪي الزام مڙهيا آهن انهن ۾ ڪابه صداقت ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي وڃي.