لاڙڪاڻو/نئون ديرو( نمائندن وٽان) ڪنگا ٿاڻي جي پوليس ميروخان روڊ تي ٿرڙي لاڙي وٽ ڏوهارين سان مبينه مقابلو. پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ ٻه طرفي فائرنگ جي نتيجي ۾ جلباڻي ۽ لغاري گينگ جو روپوش ڏوهاري امداد عرف امدو لغاري مارجي ويو، مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف به هٿ ڪئي وئي آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته مارجي ويل ڏوهاري امداد عرف امدو لغاري جلباڻي ۽ لغاري گينگ جو مرڪزي ڏوهاري هو جيڪو نئون ديرو جي هندو واپاري مقتول سنتوش ڪمار ۽ لاڙڪاڻي جي هندو واپاري مقتول سنجئي ڪمار جي قتل ۽ لاڙڪاڻي جي زخمي ڪيل هندو واپاري رونق ڪمار وارن واقعن جو ماسٽر پلانر هو جنهن جا وائيس ميسيجز به وائرل ٿيا هئا. مارجي ويل ڏوهاري لاڙڪاڻي ۾ ڪوريئر ڪمپني واري ڌاڙي سميت مختلف وارداتن جي ريڪي ڪرڻ سان گڏ ڪراچي مان ڪار ڦر ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٻن ورهين کان ٿيندڙ مختلف ڦر وارداتن ۾ ملوث رهيو ۽ هو ڦر دوران مقابلي ۾ زخمي ٿيڻ بعد جيل به ڪاٽي چڪو هو. امدو لغاري سنڌ پوليس کي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هو جنهن مٿان وڏا ڪيس پڻ داخل ٿيل آهن. هوڏانهن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ لاڙڪاڻو پوليس جي ڪامياب ڪاروائي ڪرڻ تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد فيصل چوڌري ۽ مقابلي ۾ حصو وٺندڙ پوليس ٽيم لاءِ نقد انعام ۽ اعزاز ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.